لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ اڄ ملاقات جو امڪان آهي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز به شريڪ ٿيندي، ملاقات اڄ منجهند يا رات ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان نواز شريف جي رهائشگاهه ايون فيلڊ ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.