اسرائيلي فورسز جا غزه جي بي گهر فلسطينين تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب،دير البلاح ۾ مسجد تي هوائي حملي ۾ 6 ۽ خان يونس جي علائقي المواسي ۾ بمباري سبب 11 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته نصيرات ڪيمپ ڀرسان گهر تي اسرائيلي راڪيٽ حملي سبب 2 ڄڻن شهادت جو جام پيتو جڏهن ته اتر غزه ۾ هوائي حملي ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن جو مجموعي انگ 43 هزار679 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 205 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي غزه صورتحال بابت 8 عالمي امدادي تنظيمن گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ انساني صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدمن سبب اتر غزه جي صورتحال ڊرامائي طور تي خراب ٿي.
عالمي امدادي تنظيمن جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني امريڪي پرڏيهي وزير ۽ بچاءَ واري وزير اسرائيل کي غزه ۾ انساني صورتحال بهتر بڻائن جو چيو هو، ۽ اسرائيل کي هڪ مهيني جي ڊيڊلائين ڏني وئي هئي.