سجاول جوڻيجو ڀرسان مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ نوجوان کي ڇريءَ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

سجاول جوڻيجو ڀرسان مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ نوجوان کي ڇريءَ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ ڦلھڙي ۾ ميروخان واسي جوابدار پنهنجي گهرواري سردارن ۽ نوجوان فيضل عمراڻي کي ڇريءَ سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد مقتول ۽ ناري جا لاش پوسٽ  مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس موجب جوابدار سرمد تونيو ميروخان واسي پنھنجي سھري جي گھر ۾ ترسيل ھو جنھن پنھنجي گهر واري ۽ نوجوان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آھي.

پوليس جوابدار سرمد تنيو ۽ سندس سھري علي حسن ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، مقتولن جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ ميروخان ۽ قمر جي اسپتال ڏانهن اماڻيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن ته ناري پنهنجي مڙس کي ساڻ ڪري والد جي گھر گھمڻ آئي ھئي ۽ مقتول نوجوان فيضل پٽ غلام محمد عمراڻي به مھمان ٿي ترسيل ھو، نوجوان تعلقي ڳڙھي خيرو جو رھواسي هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *