سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.

نواڙو شريف واسي نوجوان پورهيت شهزادو عرف شدو اوٺو ڳوٺ جي درگاهه گل شاهه بخاري وٽ نم جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو.

آپگهات ڪندڙ نوجوان جي وڏي ڀاءُ ذوالفقار اوٺي ٻڌايو ته گذريل ڏينھن شام جو گھر مان نڪري ويو رات جو گھر واپس نه آيو، صبح جو اطلاع مليو ته هن آپگهات ڪيو آهي.

ھن ٻڌايو ته ڀاءُ غربت ۽ بي روزگاري کان تنگ ٿي آپگھات ڪيو آهي، هوڏانهن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *