چڪ ۾ هلندڙ مهر-جتوئي خوني تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو، هڪ عورت سميت 7 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي.
جرڳو سکر ۾ علي گوهر مهر ۽ ٻين جي سرپئنچي ۾ ٿيو.
جرڳي دوران في خون جي بها 25 لک ۽ ناري جي خون جي بها 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي.
جرڳي ۾ جتوئي برادري جا مهرن تي ٻه ۽ مهر برادري مٿان جتوئي برادري جا 5 خون ثابت ٿيا.
مهر ۽ جتوئي خوني تڪرار جي جڙ مغوي فريد مهر ۽ عامر مهر موٽاڻي جي اغوا جي ساک ورتي ويندي.
جاري ڪيل فتويٰ ۾ چيو ويو ته مغوين جا وارث شڪ هيٺ آيل رشيد ڪرسي، ظهير جتوئي ۽ شمن ڪوش جي ڏاڏنگ مان ساک وٺندا.
فتويٰ موجب چوري ڪندي ڀاڳين هٿان چور مئو ته ان جو ڏنڊ ساٿي ڀريندا، جڏهن ته ڀاڳيو آزاد هوندو.
زمين ۽ نقصان جي ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪي بعد ۾ فيصلو ڪندا.
مهر ۽ جتوئي تڪرار ۾ هڪ ٻئي جون ڦر ٿيل مينهون ۽ ٽريڪٽر هڪ هفتي اندر اصل مالڪن حوالي ڪيا ويندا.
جتوئي ۽ مهر ڌرين ۾ اڳرائي ڪرڻ جو 25 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين کي پابند بڻايو ويو.
جرڳي ۾ ڌرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي.
جتوئي ۽ مهر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئي.