ايران ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل جي سازش جا الزام رد ڪري ڇڏيا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ايران نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي قتل نه ڪرڻ جو واضح اعلان ڪيو آهي.
ايران، آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل جي سازش ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ايران ڪنهن به اڳوڻي يا موجودا آمريڪي عهديدار کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزامن کي رد ڪري ٿو.
ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته ايران گذريل مهيني بائيڊن انتظاميا کي ان حوالي سان خط پڻ لکيو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب، خط ۾ ايران چيو هو ته هو ٽرم جي قتل جي سازش نه پيا ڪن.
واضع رهي ته بائيڊن انتظاميا خبردار ڪيو هو ته ٽرمپ جي قتل جي ايراني ڪوشش جنگ تصور ڪئي ويندي.
بائيڊن انتظاميا الزام لڳايو هو ته ٽرمپ تي قاتلاڻي حملي جي منصوبه بندي ۾ ايران ملوث آهي ۽ جوابدار فرهاد شاڪري کي پاسدارانِ انقلاب اهو ڪم ڏنو هو جيڪو ڪافي وقت تهران۾ رهي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *