يو اي اي ۽ سنڌ جو ڀائراڻو لاڳاپو ڏھاڪن تي ٻڌل آھي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ڪلفٽن ڪراچي  ۾ سندس آفيس پھچي ملاقات ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۾ ملاقات دوران گڏيل قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سھڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي گڏيل عرب رياستن جي قومي ڏينھن جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ برادر اسلامي ملڪ گڏيل عرب رياستن جو قومي ڏينھن قومي برادراڻي جوش ۽ جذبي سان ملھائڻ جي خاطري ڪرائي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۾ ملاقات  دوران معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ سھڪار کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ سرڪار جي قدمن جي تعريف ڪئي. ملاقات جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ مختلف شھرن ۾ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت طرفان مفت طبي ڪيمپون لڳايون پيون وڃن. اُن موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گڏيل عرب امارتن ۽ سنڌ جو گڏيل برادراڻو لاڳاپو ڏھاڪن تي ٻڌل آھي، گڏيل عرب امارتن جون سنڌ جي عوام لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *