اتر لبنان ۽ غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 53 ڄڻا شهيد،ڪيترائي زخمي

بيروت ( م ڊ ) اتر لبنان ۽ غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 53 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، اتر لبنان ۽ غزا تي اسرائيلي حملن ۾ ڪيترن ئي ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.لبنان جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته راڄڌاني بيروت جي اتر ۾ بائيبلوس جي ويجهو المات ۾ آچر جي رات اسرائيلي حملن ۾ ست ٻارن سميت 23 ڄڻا مارجي ويا. ٻئي طرف اتر غزا ۾ سول ڊفينس تنظيم جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا آهن ، ايجنسي موجب، جبليا ۾ آچر جي صبح سوير هڪ گهر تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ "گهٽ ۾ گهٽ 25” ماڻهو مارجي ويا، جن  ۾ 13 ٻار شامل هئا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. سول ڊفينس ايجنسي جو چوڻ آهي ته غزا شهر جي صابرا علائقي ۾ پنج وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجهه اڃا تائين گم آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *