جسٽس منصور هلڪي انداز ۾ دل جو اوٻر ڪڍڻ لڳو

اسلام آباد (عمران وسيم) جسٽس منصور علي شاهه جا ريمارڪس آئيني بينچن خلاف لڳن ٿا. هن هڪ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته هن وقت ڪا آئيني بينچ ناهي ته ڇا اسان جي بينچ غير آئيني بينچ آهي؟ آئيني بينچن ۾ ڪيس نٿو وڃي هن ڪيس کي ٻڌي به وٺون ته ڇا ٿيندو؟ اسان فيصلو پاڻ ڪريون ته اسان کي ڪير روڪيندو؟ نظرثاني به اسان وٽ ايندي ۽ ڪير پڇندو ته چونداسين ته اسان جو پنهنجو اختيارن جو دائرو آهي. آئيني ڪيس ريگيولر بينچ نٿي ٻڌي سگهي، وڪيلن طرفان ڪو سهڪار به نه پيو اچي، ٿورو وقت ڏيو، ڏسون ٿا ڇا ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هو هلڪي انداز ۾ اهو چئي رهيو هو پر ظاهر آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جي دل ته ٽٽي آهي. جسٽس منصور  علي شاهه وٽ انجواءِ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا رهيو آهي، هو سينيئر موسٽ جج هو، چيف جسٽس بڻجڻو هو، پوءِ 26هين ترميم جي ڪري هو چيف جسٽس نه بڻجي سگهيو. هن پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جو اجلاس گهرائي 26هين ترميم خلاف معاملا فڪس ڪرڻ جو فيصلو به ڏنو پر ان تي به ڪجهه نه ٿيو. هن چيف جسٽس کي خط لکيو پر ان کي به وقت گذري ويو. آئين تحت 26هين ترميم کانپوءِ آئيني بينچ جي قيام کانپوءِ ريگيولر بينچ آئيني ڪيس نٿي ٻڌي سگهي. هو ائين هلڪي انداز ۾ چئي انجواءِ ڪري رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *