اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هن وقت آئيني بينچ موجود ناهي ته پوءِ غير آئيني بينچ ڇا ڪري؟ جيسيتائين آئيني بئنچ نه وهندي تيستائين ڇا اسين غيرآئيني آهيون؟ ڪالهه جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ٽيڪس اوڳاڙين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، دليل دوران آئيني بينچ جو ذڪر ٿيو، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته آئيني بينچ ئي هن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، اسين ريگيولر بئنچ جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين آئيني بينچ نه ٺهندي، تيستائين ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي، جيڪڏهن اسين ڪيس ٻڌي وٺون ته ڪير به اسان کان پڇا نه ڪندو، جيڪڏهن اسان پاڻ فيصلو ڪريون ته اسان کي ڪير روڪيندو؟ جيڪڏهن نظر ثاني اسان وٽ آئي ته پوءِ چونداسين ته اسان جو دائرو اختيار آهي، جسٽس عقيل عباسي سوال اٿاريو ته هي ڪيس هينئر ٻڌي سگهون ٿا يا نه؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪجهه وقت ڏيو ته ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي؟ جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 2 اي موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي فيصلو ڪندي، ان ۾ به وقت لڳندو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسان رڳو گپ شپ ڪري رهيا آهيون، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.