مانجهند(رپورٽ: بابو عمراڻي ) مانجهند ڀرسان ٻڍاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ کٻڙ خان چارو ۾ جوابدار صادق چارو گهرو تڪرار تان ڪهاڙيون هڻي پنهنجي سئوٽ 27 ورهين جي نوجوان علي گل چارو کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، مقتول جو لاش تعلقه اسپتال مانجهند مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار صادق چارو پنهنجي سئوٽ علي گل کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا هلندڙ آهي، مقتول جي وارثن تدفين کان پوءِ ڪيس داخل ڪرائڻ جو چيو آهي، جيئن ايندا ڪيس داخل ڪيو ويندو.