حڪمران پاڻي روڪي سنڌ ۾ ڏڪار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا:عوامي تحريڪ

ملير/ ڪراچي (پ_ر) عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت هيٺ ملير ۾ ٿيو، اجلاس ۾  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي. 17 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان اعلانيل ريلي لاءِ رٿابندي ڪري، اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ملڪ جا حڪمران سنڌ جو پاڻي روڪي، سنڌ ۾ ڏڪار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ هٿرادو ڏڪار آڻي سنڌين کي لڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڇهه نوان ڪينال سنڌ ۾ ڏڪار پيدا ڪندڙ پروجيڪٽ جو حصو آهن. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ دشمن سرڪار بڻيل آهي. هنن چيو ته عالمي اداري يو اين سي سي ڊي پاران جاري ڪيل رپورٽ جو نوٽيس وٺي سنڌ کي ڏڪار کان بچاءَ لاءِ هنگامي اپاءَ ورتا وڃن. پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪينال بند ڪري، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان رکيا وڃن، سمنڊ ۾ گهربل پاڻي ڇوڙ ڪري خطي کي ماحولياتي تباهي کان بچايو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *