ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي جي ٺيڪن ۾ بي ضابطگين تي سنڌ حڪومت کي ٺيڪا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ٺيڪا ڏيڻ واري عمل تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان تفصيل طلب ڪندي 21 نومبر تائين ٽينڊرن تي ڪارروائي روڪرائي ڇڏي آهي. درخواستگذار جي وڪيل موجب حڪومت اهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو آهي ته ننڍا ٺيڪيدار ٻولي ۾ حصو نه وٺي سگهن. حڪومتي پاليسين موجب صرف منظور ٿيل ماڻهو ئي ٺيڪا حاصل ڪري سگهن ٿا. درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ کان وڌيڪ اسڪولن جا ٺيڪا گڏ ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن هر اسڪول جو ڌار ڌار ٺيڪو ڏنو وڃي ته ٻولي ۾ ننڍا ٺيڪيدار به شريڪ ٿي سگهن ٿا، درخواستگذار جي وڪيل موجب اسڪولن جي بحالي جي ٽينڊرن ۾ انٽرنيشنل بڊرز کي به شامل ناهي ڪيو ويو.