قومي سلامتي جي نالي تي مخالف بيانيو چٿڻ جي ڪوشش

اسلام آباد (اعزاز سيد) پاڪستانين کي مختلف ايپس ۽ ويب سائيٽس استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، خاص طور تي ايڪس (اڳوڻي ٽوئٽر) کي نيشنل سيڪيورٽي جو مسئلو ڄاڻائي بند ڪيو ويو هو، اهو ئي سبب آهي جو  وي پي اين استعمال ڪيو ويندو آهي. پي ٽي اي هاڻي سرٽيفائيڊ وي پي اين کي اجازت ڏيندي يعنيٰ وي پي اين کي بند ڪيو ويندو. ان کان اڳ انٽرنيٽ جي رفتار پڻ سست ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري وڏو نقصان پڻ ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي رياست پنهنجي هڪ وال ٺاهي آهي جنهن سان اڻ وڻندڙ مواد کي مانيٽر ڪيو ويندو. اهو پڻ مهانگو معاملو آهي. الميو اهو آهي ته ڪا به سرڪاري ڳالهه ان حوالي سان ناهي اچي رهي. هڪ ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ٻيو ته فائر وال ٻين ملڪن ۾ به لڳل آهي پر هنن اسمارٽ نموني لڳائي آهي. دنيا ۾ ڪٿي به فائر وال کي اظهار جي آزادي خلاف استعمال ناهي ڪيو ويو، اوهان اتي پنهنجو موقف ڏئي سگهو ٿا. هتي قومي سلامتي جي نالي تي ان بيانيي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جنهن جو جواب ناهي هوندو يا سياسي بيانيو مخالف هوندو آهي اهو پسند ناهي هوندو. فائر وال هڻڻ جي ڪري وڏي پئماني تي ڪاروبار متاثر ٿيو آهي. ڇا قومي سلامتي جو تعين پي ٽي اي ڪندي؟ ان لاءِ ته پارليامينٽ جي ڪاميٽي هجڻ گهرجي جيڪا ان معاملي کي ڏسي. هتي قومي سلامتي جو تعين به اقتدار ۾ ويٺل يا اسٽيبلشمينٽ ڪري ٿي. ان کان اڳ عدليه مان رليف ملي ويندو هو پر هاڻي ته عدليه جو اختيار به پارليامينٽ پنهنجي هٿن ۾ ورتو آهي جڏهن ته پارليامينٽ جو پنهنجو ڪو ڪردار ئي ناهي. حڪومت هاڻي رجسٽرڊ وي پي اين آڻي رهي آهي جنهن جي سڃاڻپ حڪومت وٽ هوندي پر اهو مسئلي جو حل ناهي ڇو ته هڪ ٽيڪنالاجي کي روڪبو ته ٻي اچي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *