ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمود اي خان جي عدالت ۾ سنڌ حڪومت پاران جناح اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري ۾ رولز ٺاهڻ خلاف جي پي ايم سي جي ڊاڪٽر ڪوثر عباس درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين سنڌحڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي معطل ڪري ڇڏيو، عدالت وفاقي حڪومت ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 28 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد جو چوڻ آهي ته 20هين گريڊ جي جوائنٽ ايگريڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پوسٽ انتظامي آهي، سنڌ حڪومت وٽ ان سلسلي ۾ رولز ٺاهڻ جو اختيار نه آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته جي پي ايم سي معاهدي جي باوجود وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي.