اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ڪالهه پهرين ڏينهن ٽيڪنيڪل ڳالهه ٻولهه دوران پيٽروليم شين تي جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) لڳائڻ کان سواءِ ليوي به 70 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ناٿن پورٽر جي سربراهي ۾ پاڪستان پهتل آءِ ايم ايف جي ٽيم فيڊرل بورڊ آف ريونيو (اي ايف بي آر)، ناڻي وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ توانائي وزارت جي عملدار سان ڳالهيون ڪيون.
ذريعن موجب پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،هن وقت جي ايس ٽي زيرو آهي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي 60 روپيا في ليٽر مان وڌائي 70 رپيا ڪرڻ جو امڪان آهي.
ايف بي آر کي هدف پورو ڪرڻ، نوان ٽيڪس لڳائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ ايڪسٽرنل فنانسنگ به ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي، نجڪاري پروگرام تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جو معاملو غور هيٺ آيو.
ياد رهي ته آءِ ايم ايف وفد 15 نومبر تائين پاڪستان ۾ رهندو، ان دوران کيس پهرين ٽه ماهي جي معاشي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي.