”ٽرمپ عمران خان جي آزادي لاءِ ڊيل ڪرائي سگهي ٿو“

اسلام آباد(م ڊ)ن ليگ جي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته ٽرمپ عمران خان جو سٺو دوست آهي،عمران خان جي وائيٽ هائوس دوري دوران ٽرمپ جي گهرواري ميلانيا ٽرمپ عمران خان سان الڳ سيلفي لاءِ درخواست ڪئي هئي،ٽرمپ 2016ع ۾ نوازشريف سان به ڳالهايو هو،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٽرمپ جان ايف ڪينيڊي کانپوءِ پهريون آمريڪي صدر آهي جيڪو آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ جي ترجماني نٿو ڪري،آمريڪي صدر ڪلنٽن2000ع ۾ نوازشريف جي سزا ختم ڪرائي هئي،هن سعودي عرب،قطر ۽ گڏيل عرب امارات کي اها ذميواري سونپي هئي،هن  چيو ته عمران خان آمريڪا ۾ لابيز تي فنڊنگ ڪئي آهي،امڪان آهي ته ٽرمپ عمران خان جي آزادي لاءِ فون ڪال ڪندو يا ڪنهن کان فون ڪرائيندو،هو چوندو ته منهنجي دوست کي رليف ڏيو، آمريڪا 1984ع ۾ بينظير ڀٽو کي جيل مان ڪڍرائي لنڊن موڪلرايو هو،هن چيو ته عمران خان کي جنرل باجوا اقتدار مان ڪڍرايو،هن نواشريف جي به حڪومت ختم ڪرائي، آمريڪا روس دوري سبب عمران خان تي ڪاوڙيل هو،ڊونلڊ لو چيو هو ته عمران خان اقتدار مان وڃي ٿو ته اسان کي خوشي ٿيندي،عمران کي اقتدار مان ڪڍڻ ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ شامل هئي،هن چيو ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ برف پگهرجندي،ٻئي هڪ ٻئي خلاف ويڙهه ۾ ٿڪجي پيا آهن،جيل ۾ به عمران خان جا حوصلا بلند آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *