عمران-اسٽيبلشمنٽ ڊيل جي خبرن پويان اڳوڻي عورت سفير جو هٿ

اسلام آباد (حماد حسن )عمران خان سان  ڊيل جي حوالي سان خبرون ھلائڻ م  ھڪ اڳوڻي  عورت صحافي ۽ سفارتن  جا مزا ماڻڻ واري   سفارتڪار جو اھم ڪردار ظاھر ٿيو آھي  اڳوڻي صحافي جي بينظير ڀٽو سان ويجھڙائي رھي، جڏھن 2013 ۾  نوازشريف جي واپسي جو امڪان ٿيو تھ ھن لنڊن ۽ لاھور ۾ ان سان ملاقاتون ڪيون  آمريڪا ۾  بھ سفير رھي برطانيھ ۾ ھائي ڪمشنر رهي، 2013 ۾  نوازشريف  اقتدار ۾ آيو تھ ان دوران يو اين ۾ پاڪستاني مندوب طور  شامل ٿي. بشريٰ بي بي سميت پي ٽي آئي جي اھم  ھڪ ٻن اڳواڻن سان بھ رابطو ٿيو. پر پنڊي جي طرفان پيغام ڏنو ويو تھ ھن کي ڪا لفٽ نھ ڪرائي وڃي،اسٽيبلشمينٽ آمريڪا ۽ پي ٽي آئي کي ھڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل ھئي  پر اصل مسئلو ته ھو پنھنجي لاءِ ڪم ڪري رھي ھئي. بلاول جي پرڏيهي وزير هئڻ دوران بھ ھن عورت ڪنھن عھدي ماڻڻ لاءِ لابنگ ڪئي  پر پنڊي ۽ بلاول  پاران ھن کي ڪا لفٽ نھ ڪرائي وئي. انوارالحق ڪاڪڙ جي حڪومت دوران  ھن وزيرخارجھ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پر پنڊي ان کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *