ڪهاڻي ڪتاب “وِيهه تولا سون” جو اڀياس

November 14, 2024 at 2:32 am

سنڌي ڪهاڻي، ته انگريزن جي اوائلي دور کان، ميران محمد شاهه (اول) جي (ترجمو ڪيل) ڪهاڻي “سڌا تورو ناول، ڪڌا تورو” کان لکي پئي وڃي، پر جديد  سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر لعل چند امر ڏني مل جي ڪهاڻيءَ “حر مکيءَ جا” کان شروع ٿئي ٿو، جيڪا 1914ع ۾ لکي وئي، ان هڪ صديءَ جي سفر ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا ۽ ڪيترن تجربن مان گذري آهي، پر ان جو سفر ڪڏهن به جهڪو ۽ جهيڻو نه ٿيو ۽ اهو ٿيڻو به ڪونهي، اڄ به سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف جو پاسو سگهارو آهي، اڄ به ملڪ جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪهاڻي نه رڳو معياري ۽ جهجهي انگ ۾ لکي پئي وڃي پر ان جو رنگ به چوکو آهي، اڄ به سنڌي ڪهاڻيڪارن جي سٿ مان گهڻن کي ڇڏي، ڳڻڻ جهڙن ميچوئر ۽ سيبتن ڪهاڻيڪارن جو انگ ڏسبو، ته سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ايترو انگ، ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي، سينيئر ڪهاڻيڪارن کان سواءِ جتي نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي کيپ تخليقي پورهيو ڪري پئي، اُتي نئون تخليقي جوهر به دريافت ٿئي پيو، اها سرهائي جوڳي ڳالهه آهي، اڄ به وڏي شاهڪار ڪهاڻي لکي پئي وڃي. اڄ به سنڌي ڪهاڻيءَ جي اعليٰ روايتن کي ڇيهو نه رسيو آهي. بس ڪا کوٽ آهي، ته نقادن ۽ پڙهندڙن جي کوٽ آهي، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڪُڻي ۾ ڪو به نقاد نه آهي، دل جي اکين سان پڙهندڙن جي اڻاٺ آهي!

ماهوار “هزار داستان” سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ نرسريءَ وارو ڪردار ادا ڪندو پيو اچي، هن رسالي جي سٿ نون لکندڙن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي سوڌي سموهي، رسالي ۾ شايع ڪري کين لکڻ لاءِ آٿت ۽ اُتساهه پئي ڏنو آهي ۽ سندن فني، فڪري ۽ ذهني آبياري ڪري سندن ڪهاڻيءَ جي روح تائين رسائيءَ کي ممڪن بڻايو آهي. هن ادبي نرسريءَ مان نون ڪهاڻيڪارن جي کيپ تيار ٿي آهي. انهن ۾ غلام علي اُڄڻ، نادر ڪولاچي، معصوم  سوندرائي، نور ڪنڀر، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر پروين جو ڳاڻيٽو انهن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن لکڻ ته گهڻو اڳ شروع ڪيو، پر سندن تخليقي جوهر دير سان پڌرو ٿيو. ڊاڪٽر صاحبه جي ڪهاڻين جي هن ڳٽڪي ۾ شامل ڪهاڻين مان گهڻيون تڻيون ڪهاڻيون، “هزار داستان” ۾ ڇپجي چڪيون آهن، جن تي منهنجي ڏنل راءِ به رڪارڊ تي موجود آهي.

ڊاڪٽر صاحبه جي موضوعاتي ڪائنات، تحقيقي ادب آهي. هن ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف معياري  رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. پر هن جو ذهن تخليقي به آهي،  هن پنهنجي تخليقي جوهر کي به ضايع ٿيڻ نه ڏنو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون آهن، هُوءَ پنهنجي تخليقي اظهار ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي، ان جي ڪٿ پڙهندڙ ۽ نقاد ڪندا، پر هڪ ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي، هن وٽ ڪهاڻي به آهي ته ڪهاڻي لکڻ جو ساهس به آهي. ڊاڪٽر صاحبه جون ڪهاڻيون گهڻو ڪري، عورتن جي مسئلن کي موضوع بڻائي لکيون ويون آهن، اهو سڀاويڪ به آهي، ڪا به اربع خطا ڪانهي، نه ئي ان تي ڪا تنقيد آهي، ان ڪري ته اهو اسان جي سماج جو ڪڙو سچ آهي، ته سنڌي سماج ۽ خاص ڪري زرعي سنڌي سماج ۾ مرد جي ڀيٽ ۾ عورت وڌيڪ پيڙيل، مظلوم ۽ انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، عورتن کي مُڇ جي وار جيتري  اهميت ڏني ٿي وڃي، سنڌي ادب ۾ اهو سڀ ڪجهه نئون به ته ڪونهي، بيگم زينت چنا کان وٺي ثميره زرين، ماهتاب محبوب ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين تائين، مانوارين سنڌي ڪهاڻيڪارائن پڻ عورتن جي مسئلن کي موضوع بڻايو آهي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ وٽ موضوعن جي چونڊ ڏاڍي سگهاري آهي. سنڌي سماج جي ڏتڙيل، ڌڪاريل ۽ ڏکين ڏوهيرن عورتن کان سواءِ شهري جيون جو حصو بڻيل عورتن جي زندگيءَ سان سلهاڙيل ذري گهٽ اڻ ڇهيا ۽ نوان نيارا موضوع، سندس ڪهاڻين جو حسن به آهن، ته اُڀريل خوبي به آهن. “مڃڻ مراد آهي” ته ڊاڪٽر صاحبه وٽ ڏات به آهي، ته ڪهاڻيءَ جو ادراڪ به آهي. وٽس منظر نگاري به آهي، ته  / ڏسو صفحو 7 بقايا 01

ڪردار نگاري ۽ مڪالما نگاري به آهي، وٽس سادي سلوڻي ۽ محاوريدار ٻولي به آهي ته ٽريٽمينٽ به آهي. سندس ڪهاڻي پڙهندي، پڙهندڙ کي ڪا ڳالهه ذهن ۾ ڪکي ٿي ته اها آهي آرٽ ۽ ڪلائمڪس. آرٽ جي ڇهاءُ سان وجدائي سطحن تي سرجيل تخليقن ۾ احساسن جي جيڪا ڇاڇول ۽ اثر پذيريءَ جي لهر اُڀري ٿي. اها ئي ڪهاڻي جي سگهه هوندي آهي. نه ته وارتا ۽  واقعو ته اخباري خبر ۽ رپورٽ ۾ به هجي ٿو. آرٽ جي ڇهاءُ سان نه رڳو پڙهندڙ جي مطالعي جو موهه وڌي ٿو، پر ڪهاڻيءَ ۾ سگهه به اوتجي ٿي. ان کانسواءِ ڪلائمڪس، ڪهاڻيءَ جو مک ٿنڀو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سٺي، وڏي ۽ شاهڪار ڪهاڻي به ڪلائمڪس جي جهول ڪري مار کائي لڙهي ويندي آهي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحبه کي ڪهاڻيءَ ۾ آرٽ جي ڇهاءُ سان گڏ ڪلائمڪس تي به ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. مثال طور ڊاڪٽر صاحبه جي هن ڪهاڻي ڪتاب جي ڪهاڻي “خزانو” جو ڪلائمڪس ڏاڍو ڀرپور، اثرائتو ۽ ڇرڪائيندڙ آهي، ڪجهه اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جيڪي فڪري ۽ ڏات جي حوالي سان ڀرپور ڪهاڻيون آهن، پر ڪلائمڪس جي ڪري، اهو اثر ڇڏي نه سگهيون آهن، جڏهن ته “چري”، “ڊائيوو”، “زينان” “چوٿين ڌِيءَ”، “خزانو” ۽ “اعتبار” ڪهاڻيون ڀرپور آهن. گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحبه کي ڪهاڻيءَ جي موضوعاتي ڪينواس کي اڃان وڌيڪ وسيع ڪرڻو پوندو، عورتن جي مسئلن سان گڏوگڏ انساني زندگيءَ سان لاڳاپيل مجموعي مسئلن کي ڪهاڻين جو موضوع بنائڻو پوندو. سماج ۾ اڻ ڳڻيا، اڻ اظهاريل موضوع ۽ اڻ لکيل ڪهاڻيون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، انهن کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان سهيڙي، تخليقي تاڃي پيٽي سان اُڻت ڪرڻ جي ضرورت آهي. دعا آهي ته شل هن مانواري ڀيڻ جو تخليقي پورهيو به سندس تحقيقي پورهئي جيان سڦلتا ماڻي ۽ سندس ڏات ۽ ڏانءُ ۾ وڌيڪ نکار، سگهه ۽ پختگي پيدا ٿئي.

اي پيپر