گدلاڻ ۾ صنعتي ملڪن جو حصو ۽ ماحولياتي انصاف

November 14, 2024 at 2:37 am

دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ جو مسئلو هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي، جنھن ۾ وڏين طاقتن آمريڪا، چين، يورپي يونين ۽ روس جهڙن  ملڪن جو وڏو حصو آهي. اهي ملڪ پنهنجي صنعتي ترقي، توانائيءَ جي استعمال ۽ وڏي پيماني تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪرڻ سبب ماحول کي گدلو ڪري رهيا آهن. فضائي گدلاڻ ھن وقت دنيا جو اھم مسئلو آهي. سڄي دنيا ۾ ان حوالي سان حساسيت وڌندي وڃي. آذربائيجان جي تخت گاهه باڪو ۾ ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته، اسان ماحولياتي تبديليءَ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن زور ڏنو ته ترقي پذير ملڪن کي 2030ع تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، سالن کان ڪيل واعدن ۽ خاطرين باوجود وڏي پئماني تي فرق وڌندو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماضيءَ ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي مُنهن ڏنو ۽ اڃان تائين نقصانن مان ناهي نڪري سگهيو. وزير اعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته، ترقي يافته ملڪن کي يو اين فريم ورڪ موجب فنڊ مختص ڪرڻا پوندا. ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن کي ايندڙ 6 سالن ۾ 6 هزار 800 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي.

صنعتي ملڪ ترقي لاءِ وڏي مقدار ۾ ڪوئلو، تيل ۽ قدرتي گيس استعمال ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ گھڻي ڪاربان خارج ٿئي ٿي. انهن ملڪن ۾ بجليءَ ۽ توانائيءَ جو واهپو گهڻو آهي، ٻيو ته فوسل فيولز جي ساڙڻ سان گرين هائوس گيسز ۾ واڌارو ٿئي ٿو. انھن ملڪن ۾ گاڏين، جهازن ۽ ٻيڙين جي استعمال سان پڻ آلودگيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪجهه ملڪن ۾ زرعي سرگرمين ۽ پاڻيءَ جي وسيلن جو غير ذميواراڻو استعمال پڻ ماحوليات کي نقصان پهچائي ٿو. وڏين طاقتن جي پيدا ڪيل فضائي گدلاڻ جو اثر سڌو سنئون گهٽ اسريل ۽ غريب ملڪن تي پوي ٿو، جيڪي خود گرين هائوس گيسز ۾ گهٽ حصيدار آهن. آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏن، طوفان، خشڪي سبب زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائيءَ جا مسئلا درپيش آهن.  انهن ملڪن لاءِ ماحولياتي انصاف جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسريل ملڪ انهن متاثر ٿيل ملڪن کي معاوضو ۽ مدد فراهم ڪن. ماضيءَ ۾ وڏين طاقتن پاران ماحوليات جي بچاءَ لاءِ مختلف واعدا ڪيا ويا، جن ۾ ڪاربان جي اخراج ۾ گهٽتائيءَ وارو واعدو ڪيو ويو آهي ته اهي 2050ع تائين نيٽ زيرو اخراج واري هدف کي حاصل ڪندا. انهن ملڪن واعدو ڪيو ته اهي غريب ۽ ترقي پذير ملڪن لاءِ 100 بلين ڊالر ساليانا فراهم ڪندا، جيئن اهي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏئي سگهن. گرين انرجي ۾ سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو ويو ته تجديدي توانائيءَ ۾ سيڙپڪاري کي وڌايو ويندو.

حقيقت اها آهي ته انهن واعدن تي عمل نه پيو ٿئي. نيٽ زيرو اخراج ۾ پڻ دير ٿي رھي آهي. ڪيترائي ملڪ اڃا تائين فوسل فيولز تي انحصار ڪري رهيا آهن، جنهن سبب 2050ع جي هدف تائين پهچڻ مشڪل لڳي ٿو. اھم ڳالھ اھا ته پاليسين ۽ قانون سازي ۾ پڻ عدم استحڪام آهي، جنهن سان موسمياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ اچي رهي آهي.

جيڪڏهن ماحولياتي تبديلين کي پاڪستان جي تناظر ۾ ڏسجي ته پوئتي پيل ملڪن وانگر پاڪستان جا مسئلا به پڻ اهي ئي آهن ۽ پاڪستان پڻ ٻين پوئتي پيل ملڪن وانگر ماحولياتي تبديلين سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا شهر ڪوهيڙي جي وڪڙ ۾ آهن، جنهن ڪري اُتي جو انتظامي ۽ روزاني جو معمول متاثر ٿي رهيو آهي. لاهور ۽ ملتان سميت مختلف شهرن ۾ نظر جي حد گهٽ ٿيندي وڃي. ماحولياتي تبديليون پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سببن جي ڪري ٿي رهيون آهن، جيڪي ملڪ جي معاشرتي، اقتصادي تي منفي اثر وجهن ٿيون. انهن ۾ سڀ کان اهم سبب ٻيلن جي واڍي، آلودگي، موسمي تبديلين، ۽ قدرتي وسيلن جو بيجا استعمال آهن. ٻيلن جي گهٽتائي سان نه صرف آڪسيجن جي فراهمي ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي پر ڪيترن ئي جاندارن جي زندگي کي به خطرو ٿيندو آهي. جنهن سبب ماحولياتي نظام ۾ وڏيون تبديليون اچن ٿيون. پاڪستان ۾ صنعتي ۽ شهري آلودگي پڻ ماحولياتي تبديلين جو وڏو سبب آهي. ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ زهريلا مواد، گاڏين مان نڪرندڙ دونهون ۽ غير ضروري مواد جي کولي اڇلائڻ سان پاڻي، هوا ۽ مٽي جي آلودگي وڌي رهي آهي. انهن آلودگين جو سڌو سنئون اثر ماحول ۽ ماڻهن جي صحت تي پوي ٿو، جنهن سان بيماريون پڻ وڌن ٿيون. موسمي تبديلين ۾ عالمي گرميءَ جي سطح ۾ اضافو ۽ بي وقت برساتون شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي زرعي نظام تي شديد اثر وجهن ٿيون. ان جو وڏو سبب ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جو وڌندڙ مقدار آهي. ان جي ڪري برفاني پهاڙن ۾ برف ڳرڻ جي رفتار ۾ تيزي اچي رهي آهي، جنهن سان ندين ۽ دريائن ۾ پاڻي جي سطح متاثر ٿي رهي آهي. قدرتي وسيلن جو بيجا استعمال پڻ ماحولياتي تبديلين جو سبب بڻجي رهيو آهي. جيڪڏهن انهن سببن کي نظرانداز ڪيو ويو ته پاڪستان کي وڌيڪ ماحولياتي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻو پوندو.

اسان ان راءِ جا آھيون ته، دنيا جي ماحولياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. وڏين طاقتن کي گرين ھائوسز گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي ڪرڻي پوندي ۽ غريب ملڪن کي معاوضو ۽ مدد فراهم ڪرڻي پوندي، جيئن انهن کي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن سان منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿئي. ماحوليات تي ڪانفرنسن جي ڪاميابي لاءِ لازمي آهي ته ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي ۽ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي هڪ مضبوط نظام قائم ڪيو وڃي، جيڪو ماحولياتي انصاف کي يقيني بڻائي. ان لاءِ وڏين طاقتن پاران ڪيل واعدن جي تڪميل لاءِ عالمي نگرانيءَ واري اداري جي ضرورت آهي.

اي پيپر