ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس رولز مطابق رڪارٽ نه رکڻ تي پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار، قائد آباد واري علائقي مان گم ٿيل محمد عثمان جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته پوليس رولز مطابق گم ٿيل ماڻهن سميت اڻڄاتل ماڻهن جي لاشن جو رڪارڊ به ٿاڻن تي هجڻ گهرجي، ڇا اڻڄاتل ماڻهن جا لاش هٿ اچڻ کان وٺي مسنگ پرسنس تائين جو رڪارڊ رجسٽر موجود آهي؟ پوليس آفيسر سعيد رند چيو ته پوليس وٽ مسنگ پرسنس ۽ نامعلوم لاشن جو ڪو به رڪارڊ رجسٽر موجود ناهي، عدالت چيو ته پوليس رولز موجب ٿاڻن جو رڪارڊ هئڻ لاءِ ڪيترا رجسٽر هئڻ گهرجن؟ پوليس آفيسر چيو ته پوليس رولز موجب هر ٿاڻي ۾ 25 رجسٽر موجود هجڻ گهرجن، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا هر ٿاڻي ۾ 25 رجسٽر موجود آهن؟ پوليس آفيسر چيو ته ڪنهن به ٿاڻي ۾ 25 رڪارڊ رجسٽر موجود ناهن، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس ڪهڙا قدم کڻندي آهي؟ جاچ آفيسر سعيد رند ٻڌايو ته پوليس تلاش ايپ مدد سان رڪارڊ حاصل ڪندي آهي، عدالت چيو ته نا معلوم لاش ۽ مسنگ پرسنس جي ڊيٽا ته ان ايپ مان حاصل نٿي ڪري سگهجي؟ جاچ آفيسر چيو ته تلاش ايپ جي مدد سان رڳو ڏوهارين جو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪري سگهجي ٿو، عدالت حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته خيراتي ادارن ته پنهنجو رڪارڊ مرتب ڪيو آهي، پوليس وٽ ته هڪ ڪلڪ تي رڪارڊ هجڻ گهرجي، جاچ آفيسر چيو ته سي پي ايل سي وٽ سمورو رڪارڊ هوندو آهي، عدالت چيو پوليس وٽ رڪارڊ مرتب ڪرڻ لاءِ ڪو به ميڪينزم ڇو ناهي؟ رڪارڊ هجي ها ته هر اداري تي ڪم جو دٻاءُ گهٽ ٿي وڃي ها، پوليس چيو ته گم ٿيل عثمان جي پيءُ کي مرده خانن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏ هلڻ جو چيو پر هو نه هليو، عدالت گم ٿيل عثمان جي بازيابي واري درخواست اڪلائيندي پوليس کي لاڳاپيل ميجسٽريٽ سامهون اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .