ڊاڪٽر نازش بٽ ۽ ارم بخاري کي هٽائڻ وارو حڪم معطل

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح پوسٽ گريجويٽ اسپتال جي ٻن ايسوسيئٽ  پوفيسرن ڊاڪٽر نازش بٽ ۽ ڊاڪٽر ارم بخاري کي هٽائڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کان 5 ڊسمبر تي جواب به طلب ڪري ورتو، درخواست جي وڪيل چيو ته ٻئي ڊاڪٽرياڻيون 2023 کان جناح اسپتال ۾ ايسوسي ايٽ پروفيسر گيسٽرو لوجي ۽ نيور سرجري طور مقرر هيون، صحت کاتي پاران من پسنڌ ماڻهن جي مقرري تي درخواستگذارن اعتراض ڪيو هو جنهن تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي درخواستگذارن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *