عمران جي آزادي لاءِ پرڏيهي مداخلت کي دعوت ڏني پئي وڃي: شيري رحمان

ڪراچي (م ڊ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ تحريڪ انصاف وارا مسلسل  پرڏيهي مداخلت کي دعوت ڏئي رهيا آهن، ڪانگريس ميمبرز جو صدر بائيڊن کي خط حقيقي آزادي واري بيانيي جي تابوت ۾ وڌيڪ هڪ ڪوڪو آهي، هن چيو ته ٻئي ڪنهن ملڪ جي سياسي ۽ قانوني مداخلت عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي، هي خط پاڪستان جي سياسي نظام ۽  عدليه جي خود مختياري کي چئلينج ڪري ٿو، ڪانگريس جو خط ٻئي ڪنهن ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت کي جائز قرار ڏيڻ بابت هڪ خطرناڪ مثال آهي، تحريڪ انصاف جي آمريڪا ۾ پاڪستان خلاف لابنگ جي مذمت ڪيون ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *