دادو پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ سي آءِ اي جو ٽارچر سيل: سيپڪو لائن مين شاگرد ڀاءُ سميت بازياب

دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) پوليس هيڊ ڪواٽر ۾ سي آء اي جو ٽارچر سيل تي مئجسٽريٽ جو ڇاپو باندي بڻايل سيپڪو جو لائن مين يوسف علي ۽ سندس ڀاء انٽر جي شاگرد معراج ڪوريجو کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ڪرايل ڀائرن جي چاچي معشوق ڪوريجو جي درخواست تي سيشن جج دادو جي حڪم تي فرسٽ سول جج اسپيشل مئجسٽريٽ عرفان الله ڦل پوليس هيڊ ڪواٽر ۾ سي آء اي انچارج گلشن مهر جي ڪواٽر تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران باندي بڻايل ٻنهي ڀائرن لائين مين يوسف ۽ معراج ڪوريجو کي بازياب ڪرايو ويو ، جن جي گرفتاري بابت ڪا به انٽري نه رکي وئي هئي، سول جج دادو سي آء اي انچارج گلشن مهر ۽ ٻين اهلڪارن کي رڪارڊ سميت سومر ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. بازياب ڪرايل لائن مين يوسف ۽ سندس ڀاء ٻڌايو ته جمعي جي رات جو 2 بجه پوليس نيو بس اسٽاپ ڀرسان گهر ۾ گهڙي گرفتار ڪيو، موبائيل سيٽ ۽ روڪ رقم کسي پوليس هيڊ ڪواٽر ۾ ناحق بند رکي مسلسل تشدد ڪيو ويو ۽ هڪ لک روپين جي گهر ڪئي ، ڇاپي دوران سي آءِ اي انچارج جي ڪواٽر ۾ مختيار علي ۽ تنوير به ناحق بند هئا، جن بابت پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته مختيار ۽ تنوير داخل ڪيس ۾ گرفتار آهن ۽ سندن گرفتاري جي اي سيڪشن ٿاڻي تي روزنامچي ۾ داخلا به رکيل آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *