تلهار ويجهو ڏاڏا کوڙي داس جو ميلو، سهولتون نه هجڻ جون دانهون

تلهار (ن پ ا ) تلهار ويجهو جمالي فڙدو وٽ ڏاڏا کوڙي داس جو ساليانو ميلو نارو ڀڳت بصر بادل گجراتي پاران چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو  ڪيو ويو، ميلي ۾  تلهار سميت  مختلف شهرن کان عقيدت مندن ڏاڏا کوڙي داس جي ميلي ۾ شرڪت ڪئي، ميلي ۾ ملڪي سلامتي امن ڀائيچاري لا۽ دعا پڻ گهري وئي، ڏاڏا کوڙي داس جي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين طرفان سهولتون فراهم نه هئڻ  جون دانهون ڪندي چيو  اسان هر سال ميلي ۾ شرڪت ڪندا آهيون، ڏاڏا کوڙي داس جو هڪ سئو سال کان قديمي مندر آهي پر ضلعي انتظاميا توڙي تعلقي انتظاميان طرفان ڪابه سهولت ناهي ڏني وئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *