سنڌڙي لڳ ٽن گهرن کي باهه، فائر برگيڊ گاڏي نه پهچڻ تي الهه تلهه خاڪ

سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي جي ڳوٺ مير عبدالله ٽالپر ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ سبب ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي، ٿڏي تي اطلاع ملڻ باوجود 2 ڪلاڪن کان پوءِ فائربرگيڊ پھتي، جنھن سبب جانورن سميت پورھيتن جو الھه تلهه سڙي رک ٿي ويو، باھ لڳڻ ڪري پورهيت رمضان سولنگي، احمد خان سولنگي، محمد سولنگي جا گھر سڙي رک ٿي ويا، متاثر رمضان سولنگي ٻڌايو ته گھرن ۾ 3 ٻڪريون، ٻوڏ متاثر اسڪيم تحت سرڪار پاران آيل ڏيڍ لک روڪ سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، ان موقعي تي يوسي چيرمين عبدالڪريم شر متاثرن وٽ پھتو ۽ مدد جي خاطري ڪرائي  آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *