ڊگهڙي جي اسڪول ۾سائنسي ميلو، ماڊلز پيش

ڊگهڙي(ن پ ا) ڊگهڙي جي پرائمري اسڪول اشاعت القرآن ۾ هيڊ مسٽريس حرا خان لغاري جي سربراهي ۾ هڪ ڏينهن وارو اسٽيم نالي سائنسي نمائشي ميلو لڳايو ويو. ميلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان  نظام شمسي، گلوبل وارمنگ، فلٽريشن، رين واٽر، ايڪو سسٽم سميت ٻيا ماڊلز تيار ڪري نمائش لاءِ رکيا ويا،  ان موقعي ته اسڪول جي هيڊ مسٽريس حرا خان لغاري، تعلقه ايجوڪيشن آفيس در محمد شالماني، پروفيسر رفيق احمد کٽي، عائشه عزيز، ڪشف، امبر، ارم نويد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اهڙي قسمن جا سائنسي ميلا لڳائي شاگردن جي صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، جيڪو صرف استاد ئي ڪري سگهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *