پنگريي ۾ پاڻي نه مليو، چيٽ سخت متاثر، احتجاج

پنگريو (ن پ ا)پنگريو ڀرسان خيرپور گنڀو سب ڊويزن جي کوسڪي ۽ آئيلپور شاخ سميت باگو مائينر جي پوڇڙي جي آبادگارن  عبدالحئي چانڊيو، عابد علي لنڊ، نورو لنڊ ۽ ٻين جو پريس ڪلب  پنگريو اڳيان احتجاجي مظاھرو  ڪري سخت نعري بازي ڪئي، مظاھرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته آبپاشي کاتي جا عملدار پوڇڙي جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثر آبادگارن کي وڪڻي ڇڏين ٿا جنھن ڪري ھو چيٽ پوکي نه سگھيا آھن، جڏھن پاڻي کوٽ جي وڏن آبپاشي عملدارن کي شڪايت ڪريون ٿا ته پوڇڙي ۾ پاڻي ڏيڻ بدران  ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، ھنن اھڙي ناجائزي جو آبپاشي وزير ڄام خان شوري کي نوٽيس وٺي عملدارن خلاف ڪاروائي جي گھر  ڪئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *