اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف مشن پاڪستاني اختيارين سان اقتصادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کي مثبت قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي موجوده قرض پروگرام جي هدفن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشن چيف نيٿن پورٽر چيو آهي ته قرض پروگرام جي هدفن تي سختي سان عمل ڪرڻ سان عوام جو معيار زندگي بهتر ٿي سگهي ٿو، حڪومت ٽيڪس ادا نه ڪندڙ شعبن مان ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري متعلق پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومتن، نجي شعبي جي نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن دوران سماجي تحفظ ۽ ترقي ۾ صوبن جو ڪردار وڌائڻ، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيلنجز تي خاص بحث ڪيو ويو. مشن چيف چيو ته ڳالهيون آءِ ايم ايف جي ڇهه مهينن جي جائزي لاءِ ڪيون ويون، ڳالهين ۾ معاشي سڌارن، پاليسين ۽ ترقي لاءِ حڪومتي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڳالهين کي مثبت قرار ڏيندي ڪيترن ئي شعبن ۾ خانگي شعبي جو حصو وڌائڻ ۽ ڪجهه شعبن ۾ پاڪستان حڪومت جو حصو محدود ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون 12 کان 15 نومبر تائين مشن چيف نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ ٿيون، جنهن ۾ پاڪستاني عملدارن جو رويو ڏاڍو سهڪار وارو رهيو. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ وفد 2025 جي پهرين ٽه ماهي ۾ ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين ۾ خانگي شعبي جي نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پاڪستاني اختيارين سان معاشي معاملن تي ڳالهيون مثبت رهيون.