پاڪستاني ڪرڪيٽرياڻين لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ، ندا ڊار آئوٽ

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽرز لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ندا ڊار، عاليا رياض، انوشي ناصر، ايمان فاطمه، شوال ذوالفقار ۽ سدره نواز جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان نيڪالي ڏني وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڪارڪردگي جي سالياني جائزي کانپوءِ بين الاقوامي سيزن لاءِ 16 عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو. گذريل سال 20 ڪرڪيٽرز کي ٻن سالن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا هئا جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 2023-24 جي سيزن کانپوءِ سندن ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ويندو. سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت ڪپتان فاطمه ثناءَ ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر منيبا علي کي اي ڪيٽيگري ۾ ترقي ڏني وئي آهي جڏهن ته اسپنر سعديه اقبال پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي بي ڪيٽيگري جاءِ ٺاهي ورتي آهي. سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ٽن نون رانديگرياڻين گل فيروزا، رامين شميم ۽ تسميه رباب کي شامل ڪيو ويو آهي، تسميه رباب پهريون ڀيرو سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪيو آهي. گل فيروزا 2018ع ۽ رامين شميم 2022-23 کانپوءِ ٻيهر سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪري ورتو آهي. ندا ڊار، عاليا رياض، انوشي ناصر، ايمان فاطمه، شوال ذوالفقار ۽ سدره نواز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جاري ناهي ڪيو ويو، پرسموريون رانديگرياڻيون سليڪشن لاءِ دستياب هونديون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *