ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شرڌا ڪپور نئين فلم ۾ ” نانگڻ“ جي روپ ۾ چاهيندڙن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ويجهڙ ۾ بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور جي نئين فلم جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ هو نانگڻ جي روپ ۾ نظر ايندي، فلم جي نالي سميت اهم تفصيل في الحال جاري ناهن ڪيا ويا. فلم جي پرڊيوسر نکِل دويدي ٻڌايو ته هن کي فلم جو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ ۾ ٽي سال لڳا، فلم جو موضوع صفا نئون آهي جنهن جو پراڻين فلمن سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته فلمي شوقينن جي شرڌا نانگڻ جي روپ ۾ انٽرٽين ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اميد آهي ته فلم ڏسندڙن کي پسند ايندي. فلم جي مرڪزي ڪاسٽ بابت ڳالهائيندي نکل دويدي چيو ته شرڌا جي قابليت ۽ صلاحيت کيس بهترين چونڊ بڻايو ۽ خوشي آهي ته هو فلم جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شرڌا هاڻي فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ جي انتظار ڪري رهي آهي، فلم جي شوٽنگ ايندڙ سال تائين شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.