بادشاهه چارلس سان ملي خوشي ٿي، پاڪستان اچڻ چاهي ٿو: عدنان صديقي

لنڊن(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار عدنان صديقي ۽ برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي ملاقات ۾ پاڪستان جي حُالي سان دلچسپ ڳالهيون ڪيون ويون. هڪ انٽرويو ۾ عدنان چيو ته بادشاهه چارلس تقريب ۾ آيو ته سڀ بيهي رهيا هو سڌو مون وٽ آيو اسان کي بيج لڳل هئا هن بيج ڏسي مون سان ڳالهايو ته کيس ٻڌايم ته اداڪار آهيان ۽ پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائيندڙ اين جي او جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان جنهن تي چارلس خوش ٿيو ۽ چيو ته تعليم تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي اهو سٺو ڪم آهي. هن پاڪستان جي ثقافت جي تعريف ڪئي ايترن ماڻهن ۾ بادشاهه جو مون سان اچي ڳالهائڻ تي ڏاڍو خوش ٿيس، پهرين کيس رڳو تصويرن ۾ ڏٺو هو پر هتي ساڻس هٿ به ملايو ۽ ڳالهايو به. هن پاڪستان اچڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *