عورت هوائي اڏي تي ٽڪيٽ وٺڻ بدران ٻار ڄڻي ڇڏيو

واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست فلوريڊا جي ميامي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٽڪيٽ ڪائونٽر ويجهو عورت جو سفر جو منصوبو ان وقت اڌورو رهجي ويو جڏهن کيس ايئرپورٽ تي سور پيا ۽ هن ٻار ڄڻي ورتو. ميامي ڊيڊ فائر ريسڪيو اهلڪارن هوائي اڏي تي ايمرجنسي ڪال جو جواب ڏنو جتي هڪ ڳورهاري عورت کي سور ٿيا ۽ پاڻي جي ٿيلهي ڦاٽي پئي ۽ هن سيڪورٽي ايريا ۾ چيڪ پوائنٽ هڪ وٽ ٻار ڄڻيو. ريسڪيو عملو عورت جي ٻار ڄڻڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. ايئرپورٽ عملي ٻڌايو ته عورت ٻن فلائٽن وچ ۾ هئي ۽ هڪ جهاز جو انتظار ڪري رهي هئي جيڪو انهن کي ٻي رياست کڻي وڃي ها پر هو سفر ڪري نه سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *