پنهنجن جون چٺيون

 

سموگ ڇا آهي؟

زهريلي دونهين، مٽي ۽ دز جو زمين جي سطح کان ڪجهه مٿي گڏ ٿي بيھڻ کي سموگ چئجي ٿو. سياري جي موسم ايندي ئي ڌنڌ يا ڪوهيڙو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، جنهن ڪري ماحول ۾ ڪافي تبديلي رونما ٿئي ٿي ۽ سموگ ٿيڻ جا خدشا وڌڻ شروع ٿين ٿا.  سموگ سان پنجاب جو شهر لاھور ٻين کان اڳتي آهي، هاڻي ته ان جا اثر ملتان تائين اچي پهتا آهن. ڪجهه ڏينھن کان ملتان پهرئين نمبر تي آلوده شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. سموگ در حقيقت فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون، دز، بٺين مان نڪرندڙ دونھون، فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي فصلن کي باھ لڳائڻ کان پوءِ نڪرندڙ دونهون آهي. سڀ شيون گڏجي مٿي وڃي هڪ تھه ٺاهين ٿيون، جن سان ساھ جي بيماري، ڦڦڙن جي ڪئنسر،  مٿي ۾ سور، بخار ۽ الٽيون ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو. سموگ جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا. هڪ قسم آهي سلفورس سموگ ٻيو قسم آهي فوٽو ڪيميڪل سموگ. سلفورس سموگ کي لنڊن سموگ به چيو ويندو آهي ۽ فوٽو ڪيميڪل کي وري لاس اينجلس سموگ چيو ويندو آهي. دنيا ۾پهريون دفعو سموگ جو لفظ 1950 ع ۾ استعمال ڪيو ويو ڇا ڪاڻ ته دنيا صنعتي ترقيءَ طرف پنهنجا قدم پئي وڌايا. سموگ جو لفظ ٻن لفظن کي ملائي ٺاهيو ويو آهي هڪ SMOKE يعني دونهون ٻيو FOG مطلب ڌنڌ يا ڪوهيڙو. سموگ جي دوران سهڪي ۽ الرجي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو جنهن ڪري متاثر ٿيندڙ مريضن کي جلد از جلد ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ گهرجي ته جيئن انهيءَ تڪليف کان جان ڇڏائجي. سموگ جي ڪري هوا آلوده ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري اکين کي پڻ نقصان رسي ٿو، سموگ جي دوران پنڌ هلندي يا موٽر سائيڪل وغيره هلائيندي هوا جڏهن اکين ۾ لڳي ٿي ته شديد جلن ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون انهيءَ کان پڻ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن. پاڪستان ۾ سموگ جو مسئلو 2015 کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويو جڏهن سياري جي موسم ايندي ئي لاهور ئي نه پر سڄو پنجاب متاثر ٿيڻ لڳو. پاڪستان ۾ سموگ نومبر کان فيبروري تائين زور شور سان جاري رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ سموگ لڳاتار مهينو مهينو به هلي ٿي. وڏن شهرن ۾ لاهور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. جتي معمولات زندگي دشوار، ڏيهي ۽ پرڏيهي جهازن جي اچ وڃ، ريل گاڏين جي ٽائمنگ وغيره سخت متاثر ٿئي ٿي. سموگ کي ختم ڪرڻ جو واحد حل بارش ئي آهي جيستائين بارش نه وسندي تيستائين اھو مسئلو حل ٿيڻ جوڳو نه آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مطابق هر سال تقريبن پوري دنيا ۾ ستر لک ماڻھو ته رڳو ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري دنيا ڇڏين ٿا. ماحولياتي آلودگيءَ ۾ سموگ جو به وڏو ڪردار آهي، جنهن لاءِ دنيا ۾ هر سال ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ مصنوعي طريقن سان بارشون وسايون پيون وڃن پر ايشيائي ملڪ غربت ۽ ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري سموگ خلاف جهاد نٿا ڪري سگهن. ٻيو ته مصنوعي بارش وسائڻ تي به ڪافي خرچ ۽ وقت درڪار آهي. حڪومتي سطح تي اگر انتظام نه ڪيا ويا ته اهو مسئلو ڏينهنو ڏينهن وڌندو رهندو. دونهون ڇڏيندڙ گاڏين تي ڏنڊ لڳايا وڃن، وڻ لڳايا وڃن، فصلن جي باقيات کي نه ساڙيو وڃي، چمنين ۽ بٺين مان نڪرندڙ دونهين کي روڪيو وڃي تڏهن ڪجهه خاطر خواھ نتيجا نڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۾ فوٽو ڪيميڪل سموگ ٿئي ٿي ۽ هن ۾ ووليٽائيل ذرا شامل ٿين ٿا، اهي ذرا مختلف گئسن، مٽي ۽ زهريلي پاڻي مان نڪرندڙ بخارن مان ٺهن ٿا پوءِ فيڪٽري ۽ گاڏين مان نڪرندڙ زهريلي گئس سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نائٽروجن آڪسائيڊ شامل ٿين ٿيون جڏهن سج جا ڪرڻا انهن تي پون ٿا ته پوءِ اها ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جو سبب بنجي ٿي جنهن کي سموگ چيو وڃي ٿو. سياري ۾ جڏهن هوا جي رفتار گهٽ ٿئي ٿي ته اهي تھه وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. سموگ ۾ زميني اوزون، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽروجن آڪسائيڊ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ شامل ٿيڻ کانپوءِ مٽيءَ ۽ دز وڌيڪ زهريلي ٿي وڃي ٿي. جيڪا آڪسيجن گئس کي متاثر ڪري ٿي، جنهن ڪري  ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. يونيورسٽي آف شڪاگو جي تحقيق مطابق پاڪستان ۾ سموگ جي ڪري تقريبن 2.7 سالن جي عمر  ۾ ڪمي اچي ٿي، جڏهن ته لاهور جي ماڻهن ۾ 5.3 سالن جي ڪمي اچي ٿي. جڏهن ته فيصل آباد جي ماڻهن ۾ 4.8 سالن جي ڄمار ۾ گهٽتائي واقع ٿئي ٿي.

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

 

لائبريريون اسان جي سماج لاءِ اهم آھن‎

اسان جي سنڌ ۾  اڪثر ڏٺو وڃي ٿو ته اسان جي نوجوانن کي سکڻ ۽ سمجھڻ لاءِ سٺو ماحول  ميسر نه هوندو آھي. جنهن سان اسان جي نوجوان جي  ڊيولپمينٽ ٿي سگھي ۽  ٻيو اسان جي نوجوانن جي ٻھراڙي جي اندر سٺي ڪيئريئر ڪائونسلنگ نه هئڻ جي ڪري اهي غلط صحبت ۾ اچي نشي ۽ گندين عادتن ۽ اڻ وڻندڙ سرگرمين ۾ اچي پنهنجي شاندار زندگي تباھ ڪري ڇڏيندا آھن ۽ انهن نوجوان ۾ اڪثريت انهن ڇوڪرن جي هوندي آھي جيڪو سٺا پڙھيل لکيل هئڻ جي باوجود اجايو گھٽين ۽ روڊن رستن تي گھمندا ڦرندا رهندا آھن ۽ اهي ماڻھو اڳتي وڃي اسان جي سوسائٽي لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آھن جنهن جو اثر غلط طريقن ۽ روين سان اسان جي معصوم ٻارن ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي پوندو آھي. ان ڪري اسان جي سماج جي اخلاقي تربيت لاءِ  لائبريرين جو هجڻ ضروري هوندو آھي. ڇو ته دنيا جي نوجوانن کي جهالت ۽ وحشتن مان جيڪڏهن ڪڍيو آھي  ۽ علم ۽ تهذيب جي روشني ۾ آندو آهي اهو عظيم ڪردار  لائيبريرين جوآھي ۽ لائبريريون اتي جي مقامي ماڻھن کي شعور ڏيڻ سان گڏوگڏ بااخلاق بهترين ماڻھو بڻائڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪنديون آھن. لائبريريون جو هجڻ سان  شاگردن کي پڙھڻ لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو ۽ نوجوانن ۾ پڙھڻ ۽ سکڻ جي عادت پيدا ٿئي ٿي.علم  حاصل  ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف آزمائشي  امتحانن جي پرپريشن ڪندڙ شاگردن کي معلومات سرچ ڪرڻ ۾ لائبريريون پنهنجو شاندار  ڪردار ادا ڪنديون آھن. ان ڪري عمرڪوٽ ضلعي جي ايم پي اي ۽ وزير سيد سردار علي شاھ کي گذارش ٿي ڪجي ته عمرڪوٽ ضلعي کي بهترين لوڪيشن تي هڪ لائبريري ڏني وڃي ته جيئن عمرڪوٽ ضلعي جا نوجوان اتي وڃي بهترين ڪتابن جي اسٽڊي ڪري سگھن ۽ جيڪڏهن لائبريري شاھ مراد شاھ ڳوٺ ۾ ٺھرائي ڏني وڃي ته تمام بهترين رهندو جنهن سان ٻھراڙي جي ڳوٺن جي شاگردن جي پهچڻ ۾ به آساني ٿي ويندي.

قربان سهتو/ عمرڪوٽ

 

هڪڙي چٺي ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي ڏانهن‎

محترم سردار رفيق احمد جمالي اميد ته خوش ھوندئو آباد ھوندئو . سردار صاحب ڳوٺ پريو جمالي جا رھواسي اوھان جي بابا سائين جا پراڻا ووٽر آھن. ۽ وفاداري جو اھو ثبوت ڪافي آھي ته توھان ھن مھل تائين ڳوٺ پريو جمالي جو پولنگ کٽيندا پيا اچو . بدلي ۾ اوھان ھن ڳوٺ کي اجتماعي طور تي نظر انداز رکيو آھي چند ماڻھن کي راضي رکڻ کانسواءِ مسڪين، خاص ڪري ملاڻي بکراڻي پاڙو ھميشه اوھان جي نظرن کان اوجھل رھيو آھي. نوڪريون ھجن يا ڪي خاص اسڪيمون  پر اوھان فقط چند ماڻھن کي ئي سڀ ڪجهه سمجھيو آھي. بدلي ۾ اوھان جي طرفان مليل ھر سھولت ھر رليف ناڪاره بڻجي ڳوٺاڻن جي اھنجن ۽ تڪليف جو سبب بڻي آھي. خدا جي واسطي ھڪ دفعو ئي سھي اوھان اڻ ڌري جاچ ڪرايو ته اوھان جي طرفان مليل اسڪولن، اسپتالن، واٽر سپلاءِ اسڪيمن يا عيد گاھ جي اسڪيمن سان ڪھڙي تعدي ڪئي وئي آهي. براءِ مھرباني ھن ڳوٺ تي رحم ڪيو.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

 

جمهوريت جي وڪالت ۾ نوجوانن جو ڪردار

آمريڪي صدر ابراهام لنڪن (1809ع- 1865ع)  جمهوريت جي وضاحت هن ريت ڪئي آهي ته عوام جي حڪومت عوام پاران عوام لاءِ.  جمهوريت لفظ يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ماڻهن جي حڪمراني. جمهوريت اها حڪومت آهي جنهن ۾ طاقت ۽ شهري ذميواري سڀني بالغ شهرين طرفان، سڌو سنئون، يا انهن جي آزادي سان چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪئي ويندي آهي. جمهوريت اڪثريت جي حڪمراني ۽ شخصي حقن جي اصولن تي قائم آهي. جمهوريت سڀني طاقتور مرڪزي حڪومتن کان حفاظت ڪندي آهي ۽ حڪومت کي علائقائي ۽ مقامي سطح تي وڌائيندي آهي،  جمهوريت حڪومت جي سڀني سطحن کي ممڪن طور تي عوام تائين رسائي ۽ جوابدار بڻائيندي آهي. جمهوريت سمجهي ٿي ته سندن هڪ اهم ڪم اهڙن بنيادي انساني حقن جهڙوڪ ڳالهائڻ ۽ مذهب جي آزادي جي حفاظت ڪرڻ آهي. قانون جي تحت برابر تحفظ جو حق ۽ سماج جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي ۾ مڪمل طور تي منظم ۽ حصو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. جمهوريت باقاعده آزاد ۽ منصفانه چونڊون ووٽ ڏيڻ جي عمر جي شهرين لاءِ کليل رکي ٿي. جمهوريت ۾ شهرين کي نه رڳو حق آهن، پر سياسي نظام ۾ حصو وٺڻ جي ذميواري پڻ آهي، جيڪا بدلي ۾، انهن جي حقن ۽ آزادين جي حفاظت ڪري ٿي. جمهوري سماج رواداري، تعاون ۽ سمجھوتي جي قدرن سان وابسته آهن. مهاتما گانڌيءَ جي لفظن ۾، عدم برداشت پاڻ تشدد جو هڪ روپ آهي ۽ هڪ سچي جمهوري روح جي واڌاري ۾ رڪاوٽ آهي. جمهوريت  ۾ امن هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪري ٿو، جتي ڳالهائڻ جي آزادي، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جهڙا جمهوري قدر ترقي ڪري سگهن ٿا. پرامن معاشرن ۾ شهري آزاديءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن ٿا، بنا خوف جي ووٽ ڏئي سگهن ٿا ۽ پنهنجي حڪومتن جو احتساب ڪري سگهن ٿا، جيڪي سڀ ئي جمهوريت جا ٿنڀ آهن. پرامن حالتون مستحڪم سياسي ادارن، آزاد ۽ منصفانه چونڊن ۽ گڏيل حڪمراني جي اجازت ڏين ٿيون. ان جي برعڪس، تڪرار يا تشدد جمهوري عملن کي نقصان پهچائيندو آهي، جيئن گهرو جنگين يا سياسي عدم استحڪام وارن ملڪن ۾ ڏٺو ويو آهي. پرامن معاشرن ۾ نوجوان سياسي عملن ۾ وڌيڪ مڪمل طور تي حصو وٺي سگهن ٿا.  هنن ۾ امن ڳالهين لاءِ جاءِ پيدا ڪري ٿو. پرامن معاشرن ۾ نوجوان ظلم يا تشدد جي خوف کان سواءِ محفوظ طور تي فعاليت ۾ مشغول ٿي سگهن ٿا. اهي پنهنجن خدشن کي آواز ڏئي سگهن ٿا، احتجاج منظم ڪري سگهن ٿا، يا غير متشدد ماحول ۾ تحريڪون هلائي سگهن ٿا، جيڪا جمهوري عملن ۾ بامقصد شرڪت کي وڌائي ٿي.

غضنفر سولنگي

 

علي گل ملاح جو ٿيٽر کان سئنيما جو سفر

محنت، جدوجهد، جاکوڙ ۽ ڪوشش ۾ ئي عزت به آھي ته عظمت به. ڪاميابي ھڪ اھڙو سفر آھي، جنھن ۾ ناڪامين، رڪاوٽن، اذيتن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. پاڻ کي قربان ڪرڻو پوندو آھي. اھڙيءَ طرح سنڌ جي ڌرتيءَ ھميشه محنت ڪش جوڌن جي ڌرتي رھي آھي. اڄ اھڙي ئي سنڌ جي پٽ جي ڳالهه ڪجي ٿي، جنھن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شوق، محبت ۽ چاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. علي گل ملاح اھو اداڪار آھي، جنھن کي ننڍي ھوندي کان ئي سئنما تي اچڻ جو وڏو شوق ۽ خواب ھو. علي گل ملاح سنڌي ڊرامن ۽ اداڪار نديم بيگ کان متاثر ٿي، اداڪاريءَ جي دنيا ۾ پير پائڻ جا خواب ڏسي ورتا. ھڪ ڏينھن آيو سندس جا خواب ساڀيان ٿيا. پر ان خوابن جي پوري ٿيڻ جي پويان ھڪ وڏو ڏک ڀريو داستان آھي. ننڍ پڻ ۾ يتيم ٿيڻ، پنھنجن کان بيزاري ملڻ، اسٽار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اداڪارن جي ڪمري ۾ سمھڻ، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ جو غربت ۾ سفر، پي ٽي وي جي پروڊيوسر جا اسٽوپڊ، نان سينس ۽ گيٽ آئوٽ جھڙا لفظ ٻڌڻ، آفيس مان نڪري ٻاھر روئڻ، ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ خاندان سان گذر سفر ڪرڻ، پروگرامن ملڻ جو گھٽ ٿي وڃڻ ۽ ٻيا ڪيترائي درد شامل آھن. خوابن جي پوري ٿيڻ جي پويان سندس ٽيھن سالن جي محنت آھي. ھو نديم بيگ کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو ھن جي فلم ڏسي پاڻ به ھن جيان سکر ۾ گئريج تي ڪم ڪيو. علي گل ملاح شروع ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيئٽر ۾ ڪم ڪيو. ان وقت ٿيٽر ۾ منشي، ڪمدار ۽ وڏيري تي اداڪاري ٿيندي ھئي. پھرئين ٿيٽر ۾ پاڻ نوڪر جو ڪردار ادا ڪيو (نخرا نوڪر جا). ان وقت 150 رپين تي اداڪاري ڪيائين. 1992/93 ۾ سکر ۾ شمن ميرالي (ھيرو)، وحيد ھڪڙو (ولن) جي سکر واري ڊرامي ۾ علي گل ملاح ڪاميڊين ايڪٽ ڪيو. اسٽيج ۽ سئنيما جي شوق کيس ۱۹۹۴ع ۾ ڪراچيءَ پھچايو. خدا جي قدرت اھا ٿي جو پاڻ نديم بيگ جو پرستار ھو ۽ کيس پي ٽي وي جي ڊرامي دادلي جي ڪري، کيس نديم بيگ ھٿان ايوارڊ مليو. علي گل ملاح نديم بيگ سان ۲۰۰۵ع ۾ فلم به ڪئي، پر ڪن سببن جي ڪري اڌوري رهجي وئي. پاڻ سنڌ جي مختلف چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندو رھيو.

نون سالن کانپوءِ کيس فاروق رند عشق مرشد ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيو  هن عشق مرشد ۾ اھڙا جوھر ڏيکاريا، جو پاڪستان کان علاوه بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ سندس چرچا ٿيڻ لڳا. هن عشق مرشد ڊرامي ۾ ھڪ ئي وقت مختلف ڪردار ادا ڪيا. جھڙوڪ: بيرو، مرشد، ريڙھيءَ وارو، حجم ۽ ٻيا ڪردار. سندس مقبوليت کي ڏسندي، ڊرامي جي آخر تائين ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. عشق مرشد ڊرامي کانپوءِ کيس فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جوم آفرون اچڻ شروع ٿي ويون. ھينئر به ھم ٽي وي تي ھلندڙ ڊرامي نادان ۾ پوليس جي سپاھيءَ جو ڪردار نڀائي رھيو آھي. ھي ھڪ اھڙو اداڪار آھي جو مذاق مذاق ۾ سچ چئي ڏيندو آھي. ڪجهه ڏينھن اڳ سنڌي نصاب جي باري ۾ تمام بهترين ويچار ونڊيا اٿئين. کيس ماسي چپران، ڀلي، ڊٻلو، وسايو جھڙن نالن سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. منور ظريف، راج پال ياديوَ ۽ پاڪستان جا اداڪار سندس پسنديده اداڪار آھن. علي گل ملاح جو چوڻ آھي ته گھر ۾ ڪو چوي ٿو ته آئون ڪروڙ پتي ٿيندس ته کيس حوصلو ڏيو، ته تون ھڪ ڏينھن محنت سان ضرور ڪروڙ پتي ٿيندين.

طارق راڄپر/ سڪرنڊ

 

صحافت جي  ھڪ دور جي پڄاڻي

سڀ کان پھرين ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان کي سمجھڻو پوندو صحافت آھي ڇا؟ اسان جا نوان سيکڙاٽ ۽ موبائيل سوشل ميڊيا تي پاڻ کي وڏو ليکڪ ۽ صحافي سمجھندڙ  صحافت جي ص کان به واقف ناھن. معاشري جو چوٿون ٿنڀو  سمجھو ويندڙ صحافت جو ته ڄڻ ڏيوالو ئي ڪڍي ڇڏيو آھي. صحافت جو ھڪ دور ڄڻ ته پڄاڻي تي پھچي چڪو آھي. دراصل صحافت لفظ عربي لفظ “صحف “ مان ورتو ويو آھي، صحف معنيءِ صفحه ۔ ڪتاب يا رسالو جنھن تي لکيو وڃي ۔ صحافت جا پنج بنيادي رڪن  آھن:1 سچائي ۽ درستگي، 2 آزادي، 3  انصاف ۽ غيرجانبداري، 4  انسانيت ۽ ۔ 5  احتساب. بدقسمتي سان اڄ جي ھن ٽيڪنالاجي جي دور ۾  ڪجهه آڱرين تي ڳڻن جيترا ايماندار غيرجانبدار صحافي پنھنجي پيشي سان سچا آهن. صحيح غلط جي مفھوم جي پرک ۽ حق سچ جي علم بلند ڪندي ڪجهه شھيد ڪيا ويا ڪيئي اڃا ان جنگ ۾ جھيڙي رھيا آھن. اھو ئي سبب آهي ته انھن سچ ۽ قلم دوستن وٽ اڄ به زندگي تنگ آھي، اڄ به ڪرائي جي گھرن ۾ رھن ٿا. مفلسي ۽ جفاڪشي وارا ڏينھن گهارين پيا. ھن دور ۾ صحافت جو ڪارڊ ڳلي ۾ وجھڻ ته آسان ٿي ويو آھي اوھان کي صحافت اچي ٿي يا نه پڙھيل آھيو يا نه شھر علائقي ۾ ڪردار ڇا آھي ڪو به پڇاڻو ناھي. ڪابه مانيٽرنگ ڪونھي. جنھن به عزتدار جو چاھين پٽڪو ڌوڙ ڪن. جنھن ڪرمنل ڀوتار جا گيت ڳائي آسمان تي پھچائي ڇڏين. ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. استاد بخاري جا اھي لفظ به ان جي عڪاسي ڪن ٿا:

” جا سچ لڪائي ڪوڙ لکي

اھڙي ڪا تون اخبار نه ٿي  “

منور برھماڻي

 

گمبٽ جي اکين جي اسپتال ۾ ليزر مشين ٺهرائي وڃي

خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ ۾ گمس کانپوءِ پراڻي اکين جي اسپتال آھي جتي پھريان سٺا ڊاڪٽر موجود ھئا ۽ مريضن جي بھتر چيڪ اپ ڪيو ويندو ھو ۽ غريب ماڻھن جو مفت ۾ اکين جو علاج ڪيو ويندو هو . پر ھن وقت سيڪراٽ ڊاڪٽر ۽ فارملٽي پوري ڪئي وڃي ٿي. منھنجو گذريل ھفتي اکين جي اسپتال وڃڻ ٿيو ته انھن مريض کي چيو ته ھي ڪم يوڪ ليزر مشين جي ذريعي اک جي صفائي ڪئي ويندي پر ڪافي عرصي کانپوءِ ليزر مشين خراب آھي. جيڪا اسان کي نه ٿي ملي. ڪافي مريض پري پري کان اچن ٿا ان ڏينھن تي ڪافي مريض واپس موٽي ويا. گمس جو مالڪ محترم رحيم  ڀٽي صاحب جو گمس اسيتال جي سارسنڀال لھي ٿو ء روزانو گمس جو دورو ڪري ٿو پر جيڪڏھن اکين جي اسپتال جو دورو ڪري ۽ ليزر مشين ٺھرائي يا وري نئين خريد ڪري اکين جي اسپتال کي ڏئي ته غريب ۽ مستحق ماڻھو پريشان نه ٿيندا. يوڪ ليزر مشين جيڪا آپريشن به ڪندي آهي. جنھن جي شديد کوٽ محسوس ڪئي وئي . اسان گمس جي بنياد وجھندڙ ، سنڌ سرڪار ۽ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جي منسٽر ۽ اعلي اختيار ڌڻين کي گذارش ٿا ڪيون ته جلد اکين جي اسپتال گمبٽ کي ليزر مشين وٺي ڏني وڃي ۽ سٺا ۽ ڄاڻو ڊاڪٽر اکين جي اسپتال ۾ مقرر ڪيا وڃن ته جيئن ماڻھن کي تڪليف نه ٿئي ۽ اکين جي اسپتال مان پنھنجي اکين جو صحيح طرح علاج ڪرائي سگھن .

شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

جوڳين جي اسڪول ۾ ڏياري

پنهنجي مدد پاڻ تحت ھلندڙ اسڪول، جنت پرائمري پبلڪ اسڪول ڳوٺ جئرام جوڳي يونين ڪائونسل داد جروار بڪيراشريف تعلقو چمبڙ ضلعو ٽنڊوالهيار ۾ “ڏياري” جي سادي پروقار  تقريب ٿي جنهن ۾ سليم الله اوڍو  ڊي سي ٽنڊوالھيار شرڪت ڪئي. ھن تقريب ۾ ٻارڙن ۽ ڳوٺ واسين گلن جي ورکا ڪئي. ڏينهن جو ڏيئا ٻاري پنهنجي ڌرمي ڏينهن جي مناسبت سان روشنين وسيلي مهمانن جي آجيان ڪئي وئي. مهمانن کي سنڌي روايت جو ڀرم رکندي تاڙين جي گونج ۾  اجرڪون اوڍايون. اسڪول جي ٽيچر پارس مھراڻي مهمانن جي آجيان  ڪندي اسڪول ۽ شاگردن  سان سلهاڙيل تڪليفن  ۽ ضرورتن کي پيش ڪيو.  ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو اسڪول جي استادن خاص ڪري جوڳين جي ٻارڙن لاءِ تعليم جي روشني واسطي  اسڪول جو بنياد رکندڙ بزرگ جئرام جوڳي جن جو شڪريو ادا ڪيو. هن اسڪول جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جو واعدو ڪندي اسڪول کي قائم ڪرڻ وارن مقصدن تي خوشي جو اظھار ڪيو. ٻارن ۾ آئسڪريم ورھائي  وئي جنهن کي ٻارڙن ۽  وڏڙن خوشيءَ سان کاڌو. ھن تقريب کي جئه رام جوڳي پنهنجي مرلي جي ڌنن سان خوب ڏياري جون خوشيون شيئر ڪيون.

منظور ڪالرو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *