ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي جاچ آفيسر تنوير نتيو طرفان خالد لنڊ ۽ ٻن پٽن کي قتل مان آجو قرار ڏنو ويو آھي، خالد لنڊ جي منشي عبدالله، گارڊ برڪت لنڊ ۽ سندس ڀاءُ اصغر لنڊ کي قاتل قرار قرار ڏئي حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو عدالت منظور ڪري ورتو آهي، گذريل ڏينهن ميرپورماٿيلو جي شھيد صحافي گڏاڻي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته ڊي ايس پي صدر نوابشاهه جاويد احمد ڪيس جو حتمي چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو ،پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽن نور محمد خان لنڊ شهباز خان لنڊ ڪيس مان بري ڄاڻايو ويو آهي، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ اصغر، برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي، عدالت طرفان حتمي چالان منظور پڻ ڪيو ويو، ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي 29 نومبر تي رکي وئي آهي، خالد خان لنڊ جي وڪيل قربان ملاڻو عدالت ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ايم اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي خلاف ڪا به ثابتي ناهي ملي، تنهن جي ڪري هنن کي هن ڪيس مان بري ڪيو ويو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته هن ڪيس ۾ برڪت لاٽڪي کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.