دادو ميونسپل انتظاميا جي نااهلي برقرار، ڊرينيج سسٽم ناڪارا، ڳتيل آبادي وارا علائقا گندي پاڻي هيٺ

دادو ( رپورٽ:فتاح شيخ) ميونسپل انتظاميا جو سڌرڻ محال ٿي ويو آهي. شهر جا ڳتيل آبادي وارا علائقا گندي هيٺ اچي ويا آهن. دادو شھر جي مک علائقن اسٽيشن روڊ سئنيما چونڪ،نيو چونڪ،ڪچھري روڊ،ريشم گلي،سورج آباد،موندر ناڪو،شهباز ڪالوني،مجيد ڪالوني،ملاح چونڪ،جڳت آباد،ميمڻ محلا، شاهاڻي محلا سميت شهر جا 50 کان وڌيڪ مک روڊ ۽ ڪالوني ڊرينج جي گند ڪچهري هيٺ اچي ويا جنهن سبب اتان جا هزارين رهواسين سخت پريشاني واري زندگي گذراڻ تي مجبور آهن. شهرين جاويد گهلو،اصغر ڪوريجو، سيد مجف شاھ ۽ ٻين چيو ته دادو ميونسپل پنهنجو حقي ڪم وساري رڳو سياسي ماڻهن کي خوش ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي جنهن سبب هر روز دادو شهر جا مک روڊ رستا گندي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن، دادو ميونسپل ڪاميٽي جي ماهوار 4 ڪروڙ  کان وڌيڪ بجيٽ اچي ٿي ان باوجود دادو شهر جا 24 وارڊ صفائي سٿرائي کان محروم آهن، گٽر اٿلڻ  ۽ شهر جي مک رستن تي گند جا ڍير هجڻ هاڻ عام ڳالھ بڻجي وئي آهي انتظاميا کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود شهر ۾ صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي باقي هر مهيني صفائي سٿرائي جي نالي تي تيل جي مد ۾ 50 لک کان مٿي جو تيل خرچ ڏيکاريون وڃي ٿو ۽ شهر جي گند کئڻ لاء آيل 24 رڪشاء گذريل سال کان خراب پيل آهن پر ان جي نالي تي لکين روپين جو تيل ماهوار نڪري پيو. شهرين چيف سيڪريٽري سنڌ،سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ چئرمين اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهر مان گندي پاڻي جي نيڪال صفائي ڪرائڻ جي نالي تي ماهوار لکين روپيا نڪرڻ جي آڊٽ سميت دادو شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺي 7 ، لک آبادي کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي نه تها حتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي بنگلن آڏو ڌرڻا هنيا ويندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *