ڪمون شهيد (ن پ ا) کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارانهن جي پراڻي تڪرار تان ڪوش برادري جي هڪ ڌر جي ماڻهن پاران ڪارانهن تهمت هيٺ آيل جي گهر مٿان هٿيارن سان مبينا چڙهائي ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد 14 سالا نينگر اسد علي ڪوش کي اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن ته کنڀڙا پوليس پاران اغوا ڄاڻيل نينگر جي وارثن جي فرياد تي نينگر اسد علي ڪوش جي اغوا ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، هوڏانهن اغوا ڄاڻيل نينگر اسد علي جي بازيابي لاءِ ڪوش برادري جي ٻارڙن عورتن ۽ مردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي احتجاج ڪندڙن محمد شريف ڪوش، يونس ڪوش، مير حسن ڪوش ۽ سجاد علي ڪوش ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته جوابدارن نواب علي ڪوش عمر فاروق ڪوش، شڪر ڪوش، رفيق ڪوش وارن ڪجھه عرصو اڳ اسان جي نوجوان سجاد علي ڪوش مٿان ڪوڙي ڪارانهن جي تهمت جو الزام هنيو هو، جنهن جو اسين کين فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جنهن بعد ڪجھه عرصو اڳ اسان جي مخالف ڌر جو پيرسن 64 سالا امام دين ڪوش پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنهن جي قتل جو ڪيس اسان مٿان کنڀڙا ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ اسان جا ٻه نوجوان امتياز ڪوش ۽ غلام رسول ڪوش پيرسن امام دين ڪوش جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آهن، جنهن بعد گذريل ڏينهن نواب علي ڪوش واري ڌر هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر مٿان چڙهائي دوران راڪٽ فائر ڪري اسان جي گهر کي ڊاھي پٽ ڪرڻ بعد اسان جي معصوم نينگر اسد علي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. هوڏانهن کنڀڙا پوليس موجب وارثن جي فرياد تي نينگر جي اغوا ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جلد نينگر کي بازياب ڪرايو ويندو.