پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي:ناصر حسين شاهه

May 4, 2021 at 3:03 am

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪياماڙي ضلعو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي مطابق ٺاهيو ويو، ڪياماڙي اسان جي دل جي ويجهو آهي، ضلعي جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ضلعو ويسٽ پڻ اسان جو آهي. ٻنهي ضلعن ۾ وسيلن جي ورڇ منصفاڻي طريقي سان ڪئي ويندي، ڪنهن جو به حَق نه ماريو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪلڪ پروجيڪٽ آفيس ۾ ڪياماڙي ضلعي بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ضلعي ڪياماڙي مان پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي قادر پٽيل، مڪاني کاتي واري سيڪريٽري سيد نجم شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان، ڊِي جي ڪي ڊي اي ناصر عباس سومرو، ڊي جي ايل ڊي اي اسحاق کهڙو، ڪلڪ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد افضل زيدي ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڊِي ايم سيز جي ملازمن ۽ او زيڊ ٽي شيئر جي ورڇ سيٽ فارمولي موجب ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻنهي ضلعن جي ڊي ايم سيز جا آفيسر رهتن جو مسئلو گڏجي ويهي ڪري حل ڪن. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر پٽيل ڪياماڙي ضلعي جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن بابت صوبائي وزير بلديات کي آگاهي ڏني. جنهن تي سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڏني ته ڪياماڙي جي مساڻ روڊ ۽ هاڪس جي مک روڊ جي تعمير جو ڪم تيز ڪيو وڃي، ته جيئن شهرين کي اچ وڃ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته بابا ڀٽ آئي لينڊ جي پراڻي جيٽي ٽوڙي وئي آهي جنهن سان 50 هزار کان وڌيڪ آباد کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بابا ڀٽ آئي لينڊ جي جيٽي جي تعمير جي ڪم جي شروعات ڪئي وڃي. هن چيو ته پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، صدر آصف علي زرداري ڪياماڙي جي عوام کي آر او پلانٽس جو تحفو ڏنو هيو. مڇر ڪالوني، سڪندر آباد ۽ ڪميلا چوڪ آر او پلانٽس  کي سمنڊ جو پاڻي استعمال ڪري فعال ڪيو وڃي. هن ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڏني ته ضلعي ويسٽ ۽ ڪياماڙي ۾ آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي. انهن ضلعن جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ اسڪيم ۾ پاڻي، گيس ۽ بجلي جي فراهمي جا ڪمپونينٽ شامل ڪرڻ لاءِ نئي اسيڪم تيار ڪئي وڃي. اهو سنڌ حڪومت جو وڏو اهم پروجيڪٽ آهي جنهن ۾ 18 هزار پلاٽس ورهايا ويا هئا. هن چيو ته هائوسنگ اسڪيم ڏانهن ويندڙ روڊ کي پڻ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

اي پيپر