معيشت جو ڦيٿو نه پيو هلي، آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪئي: شوڪت ترين

May 4, 2021 at 3:03 am

اسلام آباد(بيورو): خزاني جي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪئي. ناڻي واري وزارت جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪئي، بجلي جا اگهه وڌائڻ وارو آءِ ايم ايف جو مطالبو ناجائز آهي، معيشت جو ڦيٿو نه پيو هلي، اگهه وڌائڻ سان مهانگائي وڌي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته جي ڊي پي جي شرح 5 سيڪڙو تائين نه وڌائي سگهياسين ته ايندڙ 4 سالن تائين ملڪ جو الله حافظ آهي. آءِ ايم ايف کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ٽيرف وڌاڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ٿو، آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته گردشي قرض گهٽ ڪنداسين پر ٽيرف وڌائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان بجلي ٽيرف تي ڳالهائڻ ضروري آهي، 2 مهينن کان ٽيڪسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر معيشت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته نون ٽيڪسن جي بدران ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو آهي، اسان جي ملڪ جي مختصر ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي پاليسي ناهي جڏهن ته چين ، ترڪي ۽ ڀارت پنهنجون اقتصادي پاليسيون جاري رکيون آهن.

اي پيپر