طاقت جو سرچشمو عوام آهي واري اصول تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين:آصف علي زرداري

April 4, 2021 at 8:08 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قوم تي مڙهيل آمرن ۽ سندن سليڪٽيڊ ان گائيڊيڊ ميزائلن جمهوريت، معيشت توڙي معاشري کي برباد ڪري ڇڏيو، آمرن ۽ ڪٺ پُتلين هڪ ڀيرو ٻيهر اختيار ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا، اختيار عوام کي منتقل ڪرڻ جا فائدا به ختم ڪيا ويا، ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر حقيقي جمهوريت تي هلائڻ جي ضرورت آهي، پ پ چيئرمين جو شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي تي جاري ڪيل بيان ۾ اظهار، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جو قتل پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي مستقل کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش هئي، قائد عوام کي شهيد نه ڪيو وڃي ها ته پاڪستان هڪ فلاحي رياست هجي ها، اڳوڻي صدر آصف زرداري بيان جاري ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جو فلسفو اسان لاءِ روشن راهه آهي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي واري اصول تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين، قائد عوام جي ڏسيل واٽ تي هلندي ملڪ ۾ پارلياماني تحفظ برقرار رکيو ويندو..

اي پيپر