شهيد ڀٽو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ جي لاءِ ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو:ناصر حسين شاهه

April 4, 2021 at 8:07 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسلامڪ سوشل ازم نظريي جو خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي. شهيد ڀٽي جي نظريي تي هلڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي پهرين ڪڏهن به نه هئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين شهادت واري ڏھاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد ڀٽو ٽئين دنيا جو پهريون عوامي اڳواڻ هو، جنهن عوام جي حقن جي نه صرف ڳالهه ڪئي پر عوام کي حق به ڏنا. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته ملڪ کي پهريون متفقه آئين ڏيڻ شهيد ڀٽو جو وڏو ڪارنامو هو. قائد عوام حقيقي معنيٰ ۾ پيسيل طبقن جي نمائندگي ڪئي ۽ مسلمانن جو آواز بڻيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي مزدورن کي پهرين مزدور پاليسي ڏني. هو هارين ۽ شاگردن جو پڻ حقيقي ليڊر هو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ جي لاءِ ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو. اهو ڀٽو ئي هو جنهن جي عظيم نياڻي بينظير ڀٽو شهيد به عوام جي لاءِ جان جو نذرانو ڏنو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهيد ڀٽو اڄ به عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿو. جڏهن ته ڀٽو کي مٽائڻ وارا پاڻ مٽجي ويا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏهٽو بلاول ڀٽو زرداري اڄ به پنهنجي ناني جي  ڏسيل راھ تي هلي رهيو آهي، جنهن جي قيادت ۾ جلد جمهوريت جي لباس ۾  موجود ڪٽپتلين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندا سين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪالهه به ڀٽو زندهه هو اڄ به ڀٽو بلاول جي صورت ۾ زندهه آهي.    ٻئي پاسي  صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاه واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه به اجي لالواڻي قتل جو نوٽيس ورتو آهي اسين مقتول صحافي جي پونئرن ۽ صحافي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون, جهڙي نموني سان وارث ۽ صحافي چاهيندا اهڙي جي آ۽ ٽي ٺاهي ويندي ته جيئن حق انصاف ٿئي ۽ صحافي جو خون رائگان نه وڃي,

اي پيپر