وزيراعظم چيو آهي ته مريم کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏينداسين:شيخ رشيد

April 4, 2021 at 8:01 pm

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو آهي ته مريم کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏينداسين.اسلام آباد ۾ ڊبليو ايڇ او پاڪستان چيپٽر جي هيڊ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته حڪومت کي اپوزيشن مان ڪو خطرو ناهي، پي ڊي ايم ٽائين ٽائين فش ٿي وئي آهي، اپوزيشن وارا هاڻ پاڻ ئي هڪٻئي کي نوٽس ڏئي رهيا آهن، هنن ننڍي اليڪشن ۽ سينيٽ ٻنهي ۾ حصو ورتو، نه آر ٿيو نه پار ٿيو پر هنن جو ڪم تمام ٿي ويو، پي ڊي ايم کي هاڻ لانگ مارچ لاءِ 6 مهينن جي تياري ڪرڻي پوندي.گهرو وزير چيو ته مريم نواز جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي ڪا به درخواست ناهي ملي آهي ، هن پهريان ئي چيو هو ته  طشتري ۾ به اجازت ملي ته هوءَ نه ويندي، ان جي اهڙي ڳالهه کي مڃڻ گهرجي، وزيراعظم به چيو آهي ته مريم کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

اي پيپر