سينيٽ چونڊن ۾ 16 ميمبرن پاڻ کي کپايو: وزير اعظم جو اعتراف

March 5, 2021 at 8:14 pm

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان اعتراف ڪندي چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ اسان جي 16 ميمبرن پيسا وٺي پاڻ کي کپايو.وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن شرڪت ڪئي، ذريعن موجب وزير اعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري فيصلي تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته جنهن کي مون تي اعتماد ناهي اُهو کليل اظهار ڪري.ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن اجلاس ۾ وزير اعظم جي حق ۾ نعرا هنيا جڏهن ته خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ميمبر جذباتي ٿي ويا. اسيمبلي ميمبرن چيو ته وزير اعظم صاحب تڪ اسان سنڀالينداسين پر توهان پنهنجي مقصد تي ڄميل رهو.اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته توهان کي عوام ووٽ جي امانت ڏئي ايوان ۾ موڪليو آهي، توهان ضمير جي آواز تي فيصلو ڪيو، پيسا وٺي ووٽ ڏيڻ بديانتي آهي، سڌي ٿو ڪيان ته اسان جي 16 ميمبرن پيسا ورتا ۽ پاڻ کي کپايو ان ڪري آئون جيڪڏهن توهان ميمبرن جي نظر ۾ غلط هجان ته بي شڪ منهنجو ساٿ ڇڏي وڃو.وزير اعظم چيو ته مون هڪ مقصد وٺي سياست شروع ڪئي آهي، آئون جمهوريت ۽ آزادي رائي تي يقين رکان ٿو جڏهن ته مون کي ڪير به بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڳالهه مڃرائي نٿو سگهي.

اي پيپر


Notice: ob_end_flush(): failed to send buffer of zlib output compression (0) in /home/nsindh/public_html/wp-includes/functions.php on line 5427