وزيراعظم ۾ اخلاقيات هجي ها ته استعيفا ڏيئي اعتماد جو ووٽ وٺي: احسن اقبال

March 5, 2021 at 8:12 pm

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال وزيراعطم تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم ۾ اخلاقيات هجي ها ته استيعفا ڏيئي اعتماد جو ووت وٺي ها جيڪو اوهان کي ووٽ ڏي اهو صادق ۽ امين ۽ جيڪو نه ڏي اهو سوداگر وزيراعطم جي تقريب ۾ ڪنٽينر واري خطاب کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي احسن اقبال چيو ته عمران احمد نيازي وائڙائپ واري انداز ۾ قوم کي خطاب ڪيو هن چيو ته ان جي تقريب ۾ ڪنٽينر واري خطاب کان سواءِ ڪجهه نه هو ٽن سالن کان پوءِ به عمران خان جو اهو ئي نظريو آهي مان نه ڇڏيندس اين آر او نه ڏيندس، هن چيو ته ان جي شڪست ثابت ڪري ڇڏيو اهي ته هو پنهنجي پارٽي ۾ به اڪثريت وڃائي چڪو آهي احسن اقبال چيو ته آرتيڪل 91 شق 7 جو حوالو ڏيئي صدر به توثيق ڪري ڇڏي آهي

اي پيپر