وزيراعظم جي تقرير توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي: مرتضيٰ وهاب

March 5, 2021 at 8:11 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو اهي ته وزيراعظم جي تقرير توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ جيڪو شخص اليڪشن ڪميشن کي اسڪينڊلائيز ڪندو ته اليڪشن ڪميشن ان جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته هي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي ڀڃڪڙي آهي وزيراعظم جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 104 جي ڀڃڪڙي آهي

اي پيپر