سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ مان پ پ 7 سيٽون ٻهاري وئي

March 4, 2021 at 5:07 am

ڪراچي (بيورو رپورٽ)سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ مان پ پ 7 سيٽون ٻهاري وئي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، جي ڊي اي اميدوار صدر الدين شاهه راشدي هارائي ويو، جنرل سيٽ تي پ پ جي تاج حيدر،ڄام مهتاب ڏهر،سليم مانڊوي والا، شهادت اعواڻ ۽ شيري رحمان ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي فيصل سبزواري به جنرل سيٽ تي ميدان ماريو،عورتن جي سيٽ تي پ پ جي پلوشا خان ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خالدا اطيب کٽي وئي، ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن تي پ پ جي اميدوار فاروق ايڇ نائيڪ ۽ پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙو ميدان ماري ويو، جي ڊي اي اميدوار پير صدر الدين شاهه راشدي هارائي ويو آهي..

اي پيپر


Notice: ob_end_flush(): failed to send buffer of zlib output compression (0) in /home/nsindh/public_html/wp-includes/functions.php on line 5427