حڪومت جو يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

March 4, 2021 at 5:04 am

اسلام آباد (بيورو) حڪومت سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سياسي رابطن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل ٽوئيٽ ڪندي چيو ته غير حتمي طور 7 ووٽ رد ٿيا آهن ۽ 5 ووٽن جو فرق آهي.هن اعلان ڪيو ته اسان ان نتيجي کي چئلينج ڪنداسين.واضح رهي ته اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي اپوزيشن اميدوار يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿيو آهي.حڪومت طرفان ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي پر ٻيهر ووٽنگ ۾ به يوسف رضا گيلاني ڪامياب رهيو.يوسف رضا گيلاني حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي 5 ووٽن تان شڪست ڏئي اسلام آباد مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي.

اي پيپر