لڳي ٿو پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

March 2, 2021 at 7:54 pm

اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ڪيس ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته اڄ اسان پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني درخواستن جي لائيو ڪوريج بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت منير اي ملڪ  جي بيماري سبب جسٽس قاضي فائز کي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پنهنجي دليلن جي شروعات ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالت کي چيو ته جتي اوهان کي محسوس ٿيندو مان حد پار ڪري رهيا آهيان اتي مون کي روڪيو وڃي. ان تي جسٽس عمر عطا چيو ته ججز جي هڪ ذميواري صبر جو مظاهرو ڪرڻ به آهي. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو اوهان جي خلاف آهن ته ڪجهه اوهان جا حامي به آهن.جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته موجوده ڪيس پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪيس آهي ۽ اظهار جي آزادي واري راءِ هر شخص جو بنيادي حق آهي. ان تي جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي کان پڇاڻو ڪيو ته پنهنجي درخواستون ۾ اٿاريل نڪتن تي دليل ڏيو. کاٻي ۽ ساڄي پاسي ويٺل ججز ايترا تفصيل ٻڌي فوڪس نه پيا ڪري سگهن ان ڪري بهتر ٿيندو ته سڌو سنئون اصل معاملي تي اچو. جسٽس قاضي فائز دليل ڏيندي سوال ڪيو ته عمران خان، عارف علوي ۽ وزير ذاتي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. مان بطور جج ذاتي حيثيت ۾ به ڳالهيون نٿو ڪري سگهان؟ عوام کي انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. هن پنهنجي دليلن ۾ چيو ته وڌيڪ چالاڪ نه هجڻ سبب پنهنجو نقطو سمجهي نه سگهيس.ٻن سالن کان منهنجي خلاف حڪومتي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ جي جج ۽ گهر ڀاتين جي خلاف سرڪاري چينل تان پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي. مسئلو 10 لک پگهار جو نه آهي پر ملڪ جي مستقبل جو آهي ۽ مان اها جنگ پنهنجي اداري جي لاءِ وڙهي رهيو آهيان. پنهنجي دليلن جي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جذباتي ٿي ويو ۽ عدالت کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي جڳهه تي اوهان جي گهر واري ۽ ٻار هجن ها ته اوهان ڇا ڪريو ها؟ سڀاڻي ڪنهن به جج کي پروپيگنڊه ۾ گهلي سگهجي ٿو. جيڪڏهن فاضل ججز کي ڪا ڳالهه خراب لڳي هجي ته ان لاءِ معذرت چاهيان ٿو.جسٽس قاضي فائز چيو ته اڄ ملڪ ۾ صحافين جي حالت ڏسي وٺو. صحافين کي اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويندو آهي ۽ صحافين جي اغوا تي وزيراعظم چوي ٿو ته مون کي ڪهڙي خبر ڇا ٿيو. صحافين تي تشدد ٿيو ان جي ڪنهن به جاچ الڳ ناهي ڪئي. ذميوارن جو نالو ٻڌايو ته منهنجي خلاف ريفرنس اچي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مشرقي سانحي تي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته خاموش ڪرايو ويندو آهي. هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي اقتدار جي حوس ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي جي دليلن تي جسٽس عمر چيو ته جج صاحب هي قانون جي عدالت آهي. اسان ڪيسن جا فيصلا ڪندا آهيون. اوهان کي جيڪڏهن ڪنهن کان مسئلو آهي ته ان کي عدالت کان ٻاهر رکو. بهتر ٿيندو ته اسان پنهنجي حدن مان ٻاهر نه نڪرون.جسٽس منظور ملڪ چيو ته قاضي صاحب جذباتي نه ٿيو، ڪيس تي فوڪس ڪريو، ان تي جسٽس قاضي چيو ته منهنجي ذات کي وساري ڇڏيو، ملڪ جي لاءِ جذباتي ٿي رهيو آهيان. لڳي ٿو ته اڄ اسان پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون. جنهن کان پوءِ عدالت جسٽس قاضي جي دليلن دوران ئي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اي پيپر