سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف وارن جو پارٽي جي باغي ميمبرن تي حملو

March 2, 2021 at 7:53 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبرن پنهنجي ئي پارٽي جي باغي ميمبرن تي حملو ڪري ڏنو.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري هو ته ان دوران تحريڪ انصاف جا 3 باغي ميمبر ڪريم بخش گبول، شهريار شر ۽ اسلم ابڙو ايوان ۾ پهتا ۽ حاضري لڳائي.ان موقعي تي حڪومتي ميمبرن ٽنهي ايم پي ايز جي آجيان ڪئي، جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبر آپي مان نڪري ويا.سنڌ اسيمبلي ۾ باغي ميمبرن جي پهچڻ تي اڳ ئي موجود تحريڪ انصاف ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو ۽ باغي ميمبرن کي ڪٽڪو ڏنو، جنهن تي پ پ ميمبر وچ ۾ پيا، جڏهن ته صورتحال ڏسندي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي انهن ٽنهي ميمبرن سينيٽ چونڊن ۾ پارٽي کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.هوڏانهن اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي باغي ميمبرن چيو ته تحريڪ انصاف قيادت ٻهراڙي سنڌ ۽ سينيئر اڳواڻن کي نظرانداز ڪيو، سينيئرن جي موجودگي ۾ فيصل واوڊا کي ٽڪيٽ ڇو ڏني وئي؟ اسان کي اغوا نه ڪيو ويو پر پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏينداسين.

اي پيپر