ايم ڪيو ايم وٽ آڇ کڻي وياسين، جيڪو جمهوري حق آهي: ناصر شاهه

March 2, 2021 at 7:52 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وٽ سياسي طور تي وياسين، اسان هنن کي هڪ آڇ ڪئي جيڪا جمهوري طور تي ڪري پئي سگهجي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته اڄ توهان سڀني جي آڏو ڪيتريون ئي خبرون آهن، اڃا ٿوري دير اڳ هتي هنگامو به ٿيو، ڇا حقيقت ۽ ڇا افسانو هو سڀني ڏٺو.ناصر حسين شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جي ٻن ميمبرن پارٽي مان خدشن وارا ويڊيو بيان جاري ڪيا، اُهي ميمبر پنهنجي مرضي سان اسيمبلي آيا، انهن تي اغوا ۽ پيسن جو الزام آهي.هن چيو ته اهڙو معاملو هجي ها ته منظر تي نه اچي ها، اسلم ابڙو ۽ شهريار پنهنجي موقف تي قائم آهن.ناصر حسين شاهه اِهو به چيو ته گبول صاحب جو معاملو به سڀني جي آڏو آهي، جيڪو ايوان ۾ ٿيو اُهو نه ٿيڻ گهرجي ها، پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي.سندس چوڻ هو ته ٽئي ميمبر هڪ گاڏي ۾ آيا، جڏهن ڪريم بخش گبول کي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي ميمبرن سمجهيو ته کيس زوري وٺيو پيا وڃن.ناصر حسين شاهه چيو ته جڏهن گبول چيو ته آئون پاڻ تحريڪ انصاف وارن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿو ته ڪجهه ميمبر پوئتي هٽي ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ماڻهن اعلان ڪيو ته هو ووٽ ڏيڻ نه ويندا.هن وڌيڪ چيو ته ڪو به شهري قانوني ڳالهه ڪندو ته اسان هن کي سپورٽ ڪنداسين.

اي پيپر